17 جمعو , آگسٽ 2018

نيوز|مومل ماڙي: پيور شهر ۾ استعمال ڪرڻ بدران وڏيرن جي گهٽين ۾ استعمال ٿيڻ خلاف احتجاج

* مومل جي ماڙي  لاءِ پيور مومل جي ماڙي ۾ استعمال ڪرڻ بدران وڏيرن جي گهٽين ۾ استعمال ٿين خلاف ساڃاهه وندن پاران احتجاج ڪيو ويو .

شهرين ۽ سماجي ڌرين نظير ڀٽو , مهراڻ سنڌي , مير حسن , سجاد احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر وڏيرو مولابخش مهر ٺيڪيدار مشتاق ڪولاچي سان گڏجي من پسند ماڻهن کي گٽيون ٺاهي ڏيئي رهيو آهي .

هنن چيو ته بااثر وڏيرو مولابخش مهر پنهنجي اوطاقن ۽ واش رومن ۾ پيور هڻائي رهيو آهي.

هنن چيو ته اليڪشن ايندي وڏيري مولابخش مهر انتقامي ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيو آهن , پر هن خلاف ڪو به ڪاروائي نٿو ڪري .

شهرين ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مهر، ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري مولابخش مهر خلاف ڪاروائي ڪري پيور مومل جي ماڙي ۾ استعمال ڪيوو ڃي ۽ سموري شهر جون  گهٽيون ٺهرائي ڏنيون وڃن  .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shikarpur: Man kidnapped in a village by disguised kidnappers

صبح يارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-08-17

*ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم ڪير، فيصلو اڄ ٿيندو، عمران خان ۽ شهباز شريف آمهون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے