24 خميس , مئي 2018

وفاقي ڪابينا فاٽا سڌارن تي فوري طور عمل جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ  فاٽا سڌارن تي فوري طورعملدرآمد جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪي سلامتي ۽ معاشي صورتحال سميت 27 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو.  ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي نئين ايم ڊي جي مقرري جي منظوري ڏيڻ سان گڏ ايڇ بي ايف سي جي ايم ڊي جي مقرري لاءِ قائدن ۽ ضابطن جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس دوران وفاقي ڪابينا طرفان هٿيارن جي ڪمرشل امپورٽ جي پاليسي ۾ ترميم جي به منظوري ڏني وئي.  وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نيشنل ڊيزا سٽر مئنيجمينٽ کي وزيراعظم آفيس جي ماتحت ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ ميڊيڪل سٽي بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.  ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا سي ڊي اي جي ماسٽر پلان ۾ ترميم جي به منظوري ڏئي ڇڏي. قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل وفاقي گهرو وزير احسن اقبال صحتيابي بعد وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪابينا ميمبرن گرمجوشيءَ سان احسن اقبال جي آجيان ڪئي ۽ صحتيابي بعد کيس مبارڪباد پيش ڪئي. احسن اقبال ڪابينا ميمبرن طرفان دعائن ۽ نيڪ خواهشن تي سندن ٿورا مڃا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے