24 خميس , مئي 2018

نيوز |جمال شاهه: پوليس جي تشدد ۾فوت ٿيل شاگرد جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

جمال شاهه ۾  قاضي احمد پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل شاگرد جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ مٺا خان جوکيو جي رهواسي نوجوان سجاد جوکيو کي تشدد ڪري مارڻ واري واقعي خلاف جمال شاه جي جوکيا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري جمال شاهه قاضي احمد روڊ تي ڌرڻو هنيو .

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ ايڇ او سرور زرداري ۽ ٻين پوليس اهلڪارن نوجوان سجاد جوکيو کي  بيگناهه   کنڀي  مٿس تشدد ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سجاد جوکيو جي قتل ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ جوکيا برادري پاران جوابدارن جي گرفتار ٿيڻ تائين احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Islamabad MSC hunger strike continues for the independence of people from Sindh

نيوز: سنڌ مان کنڀيل ماڻهن جي آزادي لاءِ اسلام آباد ۾ايم ايس سي جي بک هڙتال جاري

سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مهراڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے