17 جمعو , آگسٽ 2018

گڏيل قومن طرفان اسرائيل جي مذمت نه ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي: مليحا لوڌي

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي مليحا لوڌي چيو آهي ته سڪيورٽي ڪائونسل طرفان اسرائيلي ظلم جي مذمت نه ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي. اسلامي تنظيم جي سفيرن جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي مليحا لوڌي چيو ته  پاڪستان فلسطينين جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ جاري به رکندو. هن چيو ته بيت المقدس ۾ آمريڪي سفارتخاني جي منتقلي خلاف فلسطيني پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا جن کي قتل عام جو نشانو بڻايو ويو، پاڪستان فلسطينين سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪندي قتل عام جي شديد مذمت ڪري ٿو.  مليحا لوڌي چيو ته رڳو هڪ ملڪ سلامتي ڪائونسل جي 14 ميمبرن گڏيل مذمتي ٺهراءَ کي روڪي ڇڏيو، گڏيل قومن طرفان اسرائيل جي مذمت نه ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني ستن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے