24 خميس , مئي 2018

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان حامد سعيد ڪاظمي جا اڪائونٽس بحال ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ حامد سعيد ڪاظمي جا اڪائونٽس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس گل حسن ۽ اورنگزيب اڳوڻي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي جي منجمد اڪائونٽس جي بحالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. حامد سعيد ڪاظمي جي وڪيل چيو ته عدالت اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو ڪو به حڪم نه ڏنو آهي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد حامد سعيد ڪاظمي جا بئنڪ اڪائونٽس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے