24 خميس , مئي 2018

لشڪر جهنگوي بلوچستان جي سربراهه سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، ڪرنل شهيد، 4 جوان زخمي  

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) آپريشن رد الفساد تحت سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي ڪلي الماس ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ لشڪر جهنگوي بلوچستان جي سربراهه سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ايم آءِ اي جو ڪرنل شهيد ٿي ويو. ڊي آءِ ايس پي آر موجب ڳجهي اطلاع تي ڪلي الماس ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو ويو. ترجمان موجب ڳجهي اطلاع تي ڪيل آپريشن ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ ملٽري انٽيلجنس جو ڪرنل سهيد عابد شهيد ٿي ويو جڏهن ته چار جوان زخمي ٿي پيا جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران لشڪر جهنگوي بلوچستان جو سربراهه سلمان بديني مارجي ويو جڏهن ته 2 آپگهاتي بمبار پڻ مارجي ويا. ترجمان موجب مارجي ويل دهستگرد هزاره برادريءَ جي 100 مڻهن ۽ پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے