24 خميس , مئي 2018

پاڻيءَ  جي شديد بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اپائن جي ضرورت

آبپاشي ماهرن ۽ انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) اختيارين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته خريف جي هلندڙ مند ۾ پاڻيءَ جي کوٽ وڌي 52 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، جنهن جي ڪري خريف جي آڳاٽي فصل، جنهن جي مند بابت چار هفتا مس وڃي بچيا آهن،  تنهن ۾ فصلن جي پوکائي شديد متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي.

اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ ارسا جي صلاحڪاري ڪميٽي جي ٿيل اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل مهيني خريف جي پوکائي شروع ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين پاڻيءَ جي کوٽ 42 سيڪڙو رهي آهي، جيڪا انتهائي ڳنڀير صورتحال جو ڏس ڏئي ٿي،  ڇو جو توقع ڪئي ٿي وئي ته پاڻي کوٽ 31 سيڪڙو  هوندي، جيڪا هينئر ئي وڌي 42 سيڪڙو ٿي وئي آهي، آڳاٽي خريف جي باقي رهيل مند جيڪا 10 جون تائين آهي، تنهن تائين هيءَ کوٽ وڌي 52 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي. ارسا جو چوڻ آهي ته شديد  کوٽ ۾ صوبن کي پاڻي جو حصو به اُن حساب سان ملندو.

ڏٺو وڃي ته گذريل پنجن سالن دوران پاڻيءَ جي اهڙي شديد کوٽ، جيڪا اڄڪلهه ملڪ کي درپيش آهي، سان نه رهي آهي. جنهن جي ڪري ڪڻڪ، ڪپهه ڪمند توڙي سارين جا ججها فصل لٿا آهن پر هن ڀيري انهن جي پيدا وار به شديد متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي. ارسا جي انگن اکرن موجب، خريف جي هيلوڪي مند ۾ سنڌ هن وقت تائين 53 سيڪڙو ۽ پنجاب 47 سيڪڙو کوٽ ڀوڳي آهي، جنهن ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ شدت اچڻ جو انديشو آهي.

عالمي آب هوائي ۽ موسم۽ موسمي تبديلين جو اثر پاڪستان تي ۽ سنڌ تي به اوس پوڻو آهي، ڇو جو دنيا جنهن کي اڄ عالمي گوٺ سڏيو ٿو وڃي، تنهن جو اسان به حصو آهيون.

دنيا اندر آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ جي ڪري پاڻي، کاڌ خوراڪ توڙي ٻين وسيلن جي کوٽ جنم ورتوآ هي. آبادي جي و اڌ ۽ وسيلن جي کوٽ کي نظر  ۾ رکندي، دنيا اندر ڊگهي نظر کان ڪم وٺندي. سڌريل مهذب ۽ ترقي يافته  قومون اهڙيون پاليسيون ٺاهنديون آهن، جيئن وسيلن جي کوٽ جي صورت ۾ آباديءَ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيدا نه ٿئي.

اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا، بدقسمتيءَ سان اتي اڄ تائين وقت ڪڍڻ لاءِ  عارضي پاليسيون  ٺاهي انهن تي عمل ڪيو ويندو رهيو آهي پر ڊگهي مدي وارين اهڙين پاليسين جو هتي هميشه فقدان پئي رهيو آهي. جن سان پاڻي جي اڄوڪي ڳنڀير صورتحال جهڙين حالتن کي معيشت ۽ ماڻهن تي ان جا اگرا  اثر پوڻ کانسواءِ منهن ڏئي سگهجي.

هڪ ته دور انديش پاليسين جو فقدان، ٻيو وري ننڍن صوبن ۽ وفاق، ننڍن صوبن ۽ وڏي صوبي پنجاب ۾ اعتماد جي کوٽ سبب هتي حالتون هميشه شڪي پئي رهيون آهن، صوبن ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جيئن ته ڪڏهن به شفاف ۽ منصفاڻي ناهي رهي، تنهن ڪري کوٽ هجي يا واڌ پاڻيءَ جي وڇر جو جڏهن جڏهن به معاملو اٿي ٿو ته اُن کي شڪ جي نگاهه سان ئي ڏٺو وڃي ٿو. پاڻيءَ جي کوٽ هنيئر جيڪا آهي، تنهن ۾ صورتحال کي منهن ڏيڻ   ۽ صوبن خاص ڪري سنڌ ۾ خريف جي پوکائيءَ لاءِ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ايئن ٿئي ها ته اڳ ۾ سنڌ کي گهرج جو پاڻي ڏٺو وڃي ها، جيئن اهو ئي پورت ڪري وٺي ها، ايئن جڏهن پنجاب ۾  خريف جي پوکي شروع ٿئي ها ته پوءِ اُن کي پورت لاءِ پاڻي ڏنو وڃي ها پر ارسا ۾ جيئن ته هميشه بدانتظامي پئي رهي آهي، جنهن جو ڪيتو هميشه صوبا،  ڪري سنڌ ڀوڳيندي رهي آهي.

اُن ۾ ڪوشڪ ناهي ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي پر اُن کوٽ هوندي به بهتر انتظامن ذريعي صوبن کي ايتري پاڻيءَ جي فراهمي يقيني ٿي سگهي ٿي، جنهن سان  گهٽ ۾ گهٽ فصل متاثر ٿين، ڦٽي، ساريون ۽ ڪمند ڪيش ڪراپ، يعني روڪ رقم وارا فصل ليکيا وڃن ٿا، انهن فصلن سان سنڌ جي ۽ هن ملڪ جي معيشت ۽ ڪروڙين خاندانن جي خوشحالي ۽ آسودگي سلهاڙيل آهي.

اسان وٽ ته ٿيندو ئي ايئن آهي ته نوجوانن ۽ نارين جون شاديون ئي فصل جي حساب سان طئي ٿينديون آهن، سو چوڻ جو مطلب ته فصلن سان مارو ماڻهن جي خوشي ۽ خريد سلهاڙيل  هوندي آهي. لازمي آهي ته زمين کي جيترو ججهو پاڻي ملندو، فصل به اوترو سٺو لهندو. جيتري پيداوار ڀلي اوتريون ماڻهن جون خوشيون وڌنديون، منجهن آسودگي ايندي پر اسان وٽ انتظاميا جي ۽ حڪومت جي سطح تي ڊگهي نظر وارين پاليسين جي فقدان جي لوڙُ عوام ئي لوڙيندو  رهيو آهي. ملڪ اندر پاڻيءَ جي ورڇ جو اهڙو مڪينيزم قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن تي ڪنهن جي هڪ هٽي نه هجي، کوٽ به هڪ جيتري ته واڌ به هڪ جيتري شيئر ٿئي، ايئن نه هئڻ گهرجي ته منڍ وارا پنهنجي مرضيءَ  تي پاڻي استعمال ڪري بچيل سچيل ڍڪ پڇڙيءَ وارن  لاءِ ڇڏي ڏين،  سو پاڻيءَ جي اڄ جيڪا سنگين صورتحال پيدا ٿي آهي، تنهن کي بهتر انتظامن ۽ انتظام تي ٻڌل  ورڇ  ذريعي  ئي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

خميس 17  مئي  2018ع،  پهرين رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنيادي انساني حقن جي تحفظ سان ئي معاشرا اڳتي وڌي سگهن ٿا

انساني حقن جي عالمي پڌرنامي موجب راءِ جي اظهار جي آزادي هر ماڻهو جو بنيادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے