17 جمعو , آگسٽ 2018

قوم کي ڪيستائين سياسي لفظن جي رانديڪن سان کيڏايو ويندو

حميده گهانگهرو

هن وقت ملڪ تمام گهڻي بحراني ڪيفيت مان گذري رهيو آهي. ماڻهن جو ساهه کڻڻ مشڪل ٿي ويو آهي. گرميءَ جي موسم ۾ گرمي پد انساني جسمن  جي سهپ کان وڌيل آهي، گرميءَ جي درجه حرارت وڌڻ ڪري ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي  پيو آهي. غربت سبب  محنت ڪش روز جي ڪمائڻ ۽ کائڻ وارا شاهه سائين جي چواڻي ” آئين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ ، اهڙا ماڻهو شايد پيٽ جي بک بدحالي جي گرمي پد کي موسم جي گرمي پد کان به وڌيڪ سمجهندي هو روڊن رستن تي نڪري ٿا پون. ڪي ٺيلهن تي سبزيون، فروٽ ۽ ضرورت جو ڪجهه سامان وڪڻيندي نظر ايندا. ته ڪي رازڪو ڪم ڪندي نظر ايندا. مطلب ته مزدور جي زندگي نيري آسمان جي هيٺان روز گار جي ڇانو ۾ پئي گذرندي.

سڀ کان ڏکي ڳالهه ته وري روڊ رستا ٺاهڻ وارن  مزدورن جي زندگي، جيڪي ڏينهن رات هڪ ڪري انسانن لاءِ ته هلڻ گهمڻ جون سولايون پيدا ڪندا آهن پر سندن زندگيءَ جي محنت طلب ڪم جو اجورو به کين پورو نه ملندو  آهي ، پر وري به بکي پيٽ رهڻ کان شام جو ڪو لپ اٽي جي ۽ ڪجهه دال ڪڻا ته گهر ڏانهن کڻي ويندا. اهو سڀ ڪجهه ان ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي، جتان جي عوام جا  ووٽ ايترا قيمتي آهن جو ٿڌين هوائن ۽ آرامدهه ڪرسين تي ويهي انهيءَ عوام جي مسئلن جا تاج پائي انهن کي حل ڪرڻ لاءِ واعدا اقرار  ڪندا نظر ايندا.

عوام جا مسئلا ڪيترا حل حل ٿا ٿين، انهيءَ جو سونهري مثال اهو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي  ٿي وڃي. پهرين ڪلاڪ پوءِ ٻه ڪلاڪ، 3 ڪلاڪ ۽ هاڻي ته ڄڻ لوڊشيڊنگ جو چرخو ابتو ٿي  ويو آهي. جيڪي پهرين لوڊشيڊنگ  جا ٽائيم هئا، هاڻي صرف ايترو وقت بجلي اچي ٿي، جديد دور جي سڄي ٽيڪنالاجي جو دارو مدار بجلي تي ئي آهي ۽ بجلي جي بحران ڪري مشيني ترقي جو  مالي بحران نه صرف انساني زندگي تي اثر انداز ٿيو آهي. بلڪه زوال پذيري ڏانهن ڏينهون ڏينهن حالتون وڌي رهيون آهن، جيڪي واچوڙي وانگر گهمي ڦري تباهه برباد ٿيون ڪن. صنعتي ترقي کي تمام گهڻو ڌچڪو  لڳو آهي. کلين وڏن هوا دار گهرن کي مُٺائي ڪمرا سسٽم تي گهر ٺهي ويا آهن. جن ۾ هوا  روشني جو گذر نالي ماتر رهيو آهي. ان جو سبب آبادي جو وڌي وڃڻ ۽ گهرن جي ايراضي جو گهٽجڻ آهي. پر ان ۾ ويچاري عوام جو قصور ناهي، ڇاڪاڻ جو هنن کي رهڻ لاءِ ننڍڙو صحيح پر اجهو گهرجي. وري سوني تي سهاڳو ٻيو ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جو بحران خاص طور سنڌو درياهه کي ڄڻ ته سوڪهڙي جي بيماري لڳي وئي آهي، يا وري استحصا، ناانصافي، بي حسي جي وائرل انفيڪشن جو سڀ کان وڌيڪ  سنڌو درياهه نشانو بڻيو آهي.

ڪنهن جگر جي ٽڪڙي جي جدائيءَ ۾امڙ ۽ ابي جي اُڀ ڏاريندڙ رڙين رانڀاٽن وانگر، سنڌوءَ جي ڇولين جي غائب ٿيڻ تي زوزاٽ ڪندڙ سڪل ٻيٽ مان اڏامندڙ واري تي ڪنهن جي به اک نٿي ٻڏي.اک ڪيئن ٻڏندي يا ته اڏامندڙ جهاز ۾ ويهي بند درين مان درياهه نظر نه ايندو آهي يا وري گذرندي، بجيرو جي رنگين شيشن ۽ اي سي جي ٿڌ اڻ ۾ درياهه جون دانهون ٻڌڻ ۾ ناهن اينديون.

اسلام جي تاريخ ۾ يزيد جي بربريت ۽ پاڻي بند ڪرڻ واري عمل تي اڄ 14 سئو سال گذري  وڃڻ کانپوءِ به ماتم ڪيو ٿو وڃي، اڄ سنڌ جي عوام جي حالت ڪنهن ڪربلا جي حالت کان گهٽ نظر نٿي اچي.  هن وقت غربت، بيروزگاري، مفلسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عوام وري به 2018 جي اليڪشن ڏانهن ڏسي رهيو آهي، جنهن ۾ بس چند ڏينهن، هفتا ۽ مهينا رهيا آهن. عوام کي ڪو به بهتر پيڪيج نظر نٿو اچي. هزارن ماڻهن جي جلسي ۾ شرڪت جو سبب شايد انهيءَ اوسيئڙي تي آهي ته من ڪٿان ڪو اميد جو ڪرڻو نظر اچي پر صرف دلاسن ۽ هڪ ٻئي جي چنڊ اپٽ ڪرڻ کانسواءِ  ڪجهه به نظر نٿو اچي، پنهنجي پنهنجي دور جي تعريف ٻين تي ڪرپشن جا الزام ، جنهن سان عوام  جو نه ته پيٽ ڀربو ۽ نه وري مسئلا حل ٿيندا پر  2000  جي ڏهاڪي ۾ نظر ايئن ٿو اچي ته ڄڻ پريشر ڪڪر ۾ پڪل عوام هاڻي ڪجهه سمجهڻ شروع ڪيوآهي. هو سياسي طور ڪٺ پتلي تماشو واري راند ڏسڻ کانسواءِ  ڪجهه سوچين ٿا پر وري به رد عمل اهو ئي آهي ته موٽ ساڳي ماضي جي روايتن  ڏانهن آهي، ڇاڪاڻ جو ڪنهن به انقلابي سوچ جي قوت کي اڀرڻ ناهي ڏنو ويو. هتي مفادن جي سياست تمام گهڻي پاور فل رهي آهي ۽ ڪمزور عوام  صرف پنهنجي سوچ سان طاقتور ٿي سگهي ٿو. تاڙين وڄائڻ ۽ لاش کڻڻ وارين رسمن مان جيسين جان نه ڇٽندي، تيسين عوام به  ٽي وي ۽ خبرن جي زينت بڻيل سياسي اڳواڻڻ جي مقابلي وارين  تصويرن ۽ ويٺا دل وندرائيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ حڪومت کي پنهنجي گهران لڳندي!؟

عبدالمجيد مغيري پي ٽي آءِ، عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر نامزد ڪيو، هن صاحب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے