24 خميس , مئي 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

اڄ جهوني جوڳيءَ کي سنگت ورايو ويٺي هئي، جهوني جوڳيءَ سنگت کي چيو ته “نواز شريف روز پنهنجي پير تي پاڻ نئون ڪهاڙو هڻي ٿو، ۽ وري رات جو دانهون به پاڻ ميڊيا جي سامهون اچي ڪري ٿو، جڏهن ته اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، پر ڏينهن ڳڻبا ته هاڻ باقي گهڻا ڏينهن وڃي هنن جي بادشاهيءَ جا بچيا آهن…؟؟؟، يقيننا هنن جي بادشاهيءَ جو دور هن مهيني ۾ ختم ٿيڻ وارو آهي، ان کان پوءِ ميڊيا تي نئين حڪومت، نون چهرن جو راڄ هوندو، ممڪن آهي ته ان ۾ خورشيد شاهه جنهن نموني سان ڳالهه ڪئي آهي، ته ان ۾ سڀ راضي هجن، پر جيڪڏهن اهي ٽئي ڄڻا ۽ ٽئي قوتون راضي ٿي، ايندڙ ڪيبنيٽ ۽ ايندڙ حڪومت متفقه طريقي سان ٺاهين ٿيون، ته اها ڳالهه به ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندي، يقينن اهي ماڻهو جيڪي روز هڪٻئي کي گاريون ٿا ڏين، يا هڪٻئي کي گهٽ وڌ ٿا ڳالهائين، اهي جيڪڏهن ڪنهن هڪ اشو تي گڏ ٿي سگهن ٿا، ته پوءِ ڇا ملڪي اشوز، جيڪي هيترا سارا هنن جي سامهون اچي ويا آهن، انهن تي هڪ ٿي نٿا سگهن…؟؟؟ ۽ انهن اشوز تي گڏجي عوام جي ڀلي لاءِ ڇا سوچي نٿا سگهن…؟؟؟ پر هي سڀ چاٻيءَ تي هلندڙ رانديڪا آهن، جن جي چاٻي ڪنهن ٻئي وٽ آهي، ۽ هو جڏهن چاهين ته ڪنهن به رانديڪي کي چاٻي وڌيڪ ڏيو ڇڏين ۽ ڪنهن جي چاٻي گهٽايو ڇڏين.

بهرحال هاڻ ڏينهن ڳڻجي ويا آهن، پنج سال پورا ٿي ويا، ايندڙ اليڪشن جو اعلان به مٿي تي اچي ويو آهي، پر عمل ڪڏهن ٿيندو، اهو خدا وڌيڪ ٿو ڄاڻي، ۽ اهو به خدا ٿو ڄاڻي ته ايندڙ حڪومت جو تاج ڪنهن جي سر تي ٿو رکيو وڃي، جيڪو ڪيترن ڏينهن لاءِ به هجي، پر هن ملڪ جو نئون وزيراعظم اهو هوندو، ۽ چئني صوبن ۾ نوان وزيراعليٰ هوندا، گهڻو ڪري ته جيڪي ڪردار سامهون ايندا، انهن جي سڃاڻپ مان ئي اسان کي محسوس ٿيندو ته هنن ۾ ڪنهن جو هٿ آهي، ۽ هي ڪهڙي جماعت سان يا اداري سان تعلق ٿا رکن، اها خبر ته انهن جي چونڊ ٿيڻ سان ئي پاڻ کي پئجي ويندي، پر چوڻ جو مطلب اهو آهي ته عوام اڃان تائين بجلي بجلي ۽ پاڻي پاڻي جا نعرا هڻي، روڊن تي نڪتل آهي، ۽ خبر نه آهي ته اها نئين حڪومت انهن مسئلن کي ڪيئن حل ڪندي…؟؟؟، ۽ اها نئين حڪومت ڇا امن واري ۽ ڌانڌليءَ کان سواءِ واري اليڪشن ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي…؟؟؟ اهو سوال اسان سڀني جي سامهون آهي، پر هن وقت ۾ جيڪي هي ڪردار هاڻ ايڏو رٽجي ۽ پٽجي ويا آهن، جو ڪيڏي به وڏي ڳالهه کڻي ميڊيا تي اچن ٿا، ته عوام جي دلين تي انهن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿو پوي، ڇو ته جيڪي انهن ٽنهي ڄڻن ڳالهيون ڪيون، انهن سو فيصد ڳالهين مان ڪو صرف ٻه فيصد عمل ڪري سگهيو آهي، ڪنهن ڪجهه به نه ڪيو آهي ۽ ڪنهن ته بالڪل صفا پنهنجي چمن کي اجاڙي ڇڏيو آهي، اهو اجڙيل چمن اسان سڀني جو گهر، اسان جو ديس ۽ اسان جي عزت آهي، جيڪا اسان کي جان کان وڌيڪ پياري آهي.

هن وقت انڊيا جي حوالي سان جيڪا ڇيڙخاني اسان جي درن تي ٿئي پئي، اها به يقينن انهن وڏن ادارن جي هٿان ٿئي پئي، جيڪي هن خطي ۾، توڙي عربستان ۾، توڙي سڄي دنيا ۾ تبديلي آڻيندڙن جا ٺيڪيدار آهن، ۽ انهن ٺيڪيدارن کي ڏسجي ته هاڻ وري ڪهڙا سياسي يعني پاور جا خريدار سامهون ٿا آڻين…؟؟؟، پر عوام ويچارو وري به درخواستون هٿن ۾ کڻيو، انهن جو در جهليو بيٺو هوندو، ميڊيا جا هي جيڪي به اسانجا ناليوارا صحافي آهن، اهي سڀ پنهنجون ڪئميرائون ۽ قلم کڻيو، انهن نون چهرن يعني عارضي چهرن اڳيان بيٺا هوندا، ڇو ته هر دور ۾ پاور کي ئي سلام رهيو آهي، هاڻ هي جيڪڏهن ان دور کي ڊگهو ڪرڻ وارا، وڌائڻ وارا، ۽ انهن ٽن مهينن کي ٽي سال ڪرڻ وارا، يا ڪي به طريقا استعمال ڪري، اليڪشن کي اڳتي کڻي وڃڻ لاءِ جيڪي ڪجهه سوچي رهيا آهن، يا ڪري رهيا آهن، انهن ۾ به جيڪي ڳالهيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، اهي ڪنهن به هڪ سائيڊ تي اتفاق راءِ سان ڪونه پيون ڏٺيون وڃن، خدا نه ڪري ته اهڙي ڪا صورتحال پيدا ٿئي ته اهو مقدمو به ايندڙ اليڪشن بابت چيف جسٽس ڏانهن نه هليو وڃي…؟؟؟ ۽ چيف جسٽس سان ۽ نيب جي چيئرمين سان جيڪو هن وقت ن ليگ ۽ سندس اتحادين جو رويو آهي، اهو سڄي دنيا تي عالم آشڪار آهي، ممڪن آهي ته اهو جهيڙو جيڪڏهن سياسي حڪومتن کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، ته پوءِ ممڪن آهي ته مجبوريءَ تحت لانگ بوٽن جا ٺڪاءُ ٿي وڃن، ۽ پوءِ ٽيڪنوڪريٽ واري حڪومت جيڪا هڪ نه هڪ ڏينهن اچڻي آهي، سا ممڪن آهي ته سامهون اچي وڃي.“

ڪامريڊ سليم چيو ته “جوڳي… هاڻ اهي پراڻا خواب ۽ پراڻيون ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڏي، هاڻ نئون دور آهي، ۽ نيون ڳالهيون آهن، اسان جي پراڻي دور ۾ ايم ڪيو ايم جي نالي ۾ جيڪا به خونريزي ٿي، ۽ 12 مئي وارا جيڪي وڊيوز هليا پي، انهن کي ڏسي وري دل جا ڦٽ تازه ٿيا، ته ڪيئن انسانن کي گاڏين مان لاهي رستن تي ماريو پئي ويو، انهن کي قتل ڪيو پئي ويو، ۽ رستن تي سر عام خون وهايو پئي ويو، ۽ اسان صرف ميڊيا تي ڪرڪيٽ وانگر ڏسندا رهجي وياسون،

اڄ اها ماضيءَ جي ميچ آهي، جنهن کي 12 مئي جي تاريخ تي دهرائي، اسان جي روح کي تڙپايو ويو، ڪاش انهن سڀني شين جو علاج انهن ماڻهن جي هٿ ۾ هجي، جيڪي ماڻهو مارائين ٿا، جيڪي اهڙا ماحول پيدا ڪن ٿا، ڪاش اهي ماڻهو سک ۽ آرام سان هن ملڪ جي واڳ ڌڻين سان گڏ، ۽ اسان جي سياسي قوتن سان گڏ اهڙو ڪارنامو ڪن، جو پنجن سالن لاءِ هڪ دفعو حڪومت صرف سڌرڻ جي راهه اختيار ڪري، پوءِ اها تعليم هجي، اسپتالون هجن يا زراعت هجي، جيڪي به اسان جا بگڙيل ۽ خراب ٿيل ادارا يا قوتون يا جيڪو ملڪي سرمايو بي جا استعمال ٿي رهيو آهي، ان جو استعمال جيڪڏهن سٺن هٿن ۾، ڄاڻو ٽيڪنو ڪريٽ جي هٿن ۾ اچي ٿو وڃي، ۽ پنجن سالن ۾ اهي جيڪڏهن هن ملڪ کي هنن سياستدانن کان وڌيڪ سڌاري ٿا ڏيکارين ته ممڪن آهي ته جيڪو عمران خان هن وقت جذبو ۽ جدوجهد ڪري رهيو آهي، ان جي پٺيان جيڪي به ادارا هجن يا پاڻ هاڻ آزاد ٿي ويو هجي انهن ادارن مان، يا ته ايندڙ دور جي وزيراعظم جي حيثيت لاءِ ڪي نه ڪي معاهدا ڪري چڪو هجي، جنهن مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته عمران خان جا جيڪي به جلسا ٿي رهيا آهن، ۽ جتي جتي به ٿي رهيا آهن، انهن ۾ امن و امان به آهي، انهن جلسن کي تحفظ به آهي، انهن تي خرچ به آهي، ۽ ان کي ماحول به آهي،

بهرحال اسان ان تي نه وينداسون ته هاڻ عمران خان کي ڪير پيو ڏوڪڙ ڏيو اليڪشن ۾ آڻي…؟؟؟ ڪير اليڪشن کٽائي پاور ڏيندس…؟؟؟ پر صورتحال بدلجڻ ۾ دير نه لڳندي آهي، ڪالهه گرو گهوٽالو لنڊن وارو، اهو هن ملڪ جي اهم ادارن جو خاص ماڻهو هو، ۽ اڄ اهو انهن ادارن جو وڏو ويري آهي، اهڙي طرح آصف زرداري انهن ادارن جي ويجهو اچي پنهنجي وڃايل ساک، پنهنجو وڃايل پاور واپس آڻڻ ٿو چاهي، ته ممڪن آهي ته اهو به انهن ادارن سان ڪجهه ڏيتي ليتي ڪري، پنهنجي ساک بچائي، سنڌ جي اليڪشن به کٽي وڃي، ۽ وفاق ۾ به ايتريون سيٽون حاصل ڪري جو بقول سندس ته آئون حڪومت ڪندس، ۽ هن ڀيري پنجاب کي به آئون کٽي ڏيکاريندس.

مواليءَ ٿڌو ساهه کڻندي چيو ته “يار… جيترا وات اوتريون ڳالهيون، جيترا ٽي وي چينل اوتريون ڳالهيون، يارو ڳالهه ٻڌو، پاڻ به سڄي زندگي ٻين جي پٺيان جيئي جيئي ڪري، تاڙيون وڄائي، لٺيون به کاڌيون آهن، پر پنهنجي نالي ۾ جيڪي به ادارن عنايتون ڪيون آهن، اهي پاڻ کي سياستدانن وٽان ۽ ڪنهن وٽان به ڪونه نصيب ٿيون آهن، جيڪڏهن ٿورو گهڻو توهان کي يا اسان کي سياسي سمجهه آئي آهي، ته اها ڀٽي خاندان جي قربانين ۽ ڀٽي خاندان جي نظرئي مان آئي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو نظريو ايڏو طاقتور نظريو آهي، جيڪڏهن روٽي ڪپڙا اور مڪان جيڪو نعرو ڀٽو صاحب ته هڻي ويو، پر ان جي پٺيان جيڪو ادارن، مفاد پرستن ۽ وقتي پاور ۾ ايندڙن حشر ڪيو، ته اهو اڄ اسين ڏسون پيا ته ان جو خاندان سمورو ختم ٿي ويو، پر پ پ پنهنجي وجود سان، پنهنجي ڏهڪاءُ سان، انهن ادارن جي ڇاتيءَ مٿان مڱ ڏري پئي، ۽ ممڪن آهي ته پرڏيهي ادارا به هن واري جيڪڏهن زرداري صاحب جي سرمائيڪاراڻا سوچ ۽ سياسي سمجهه، جيڪا ڊرائنگ روم ۾ ڪامياب آهي، ان جي ور چڙهي وڃن ته اهو به ممڪن آهي ته وڏي طاقت حاصل ڪري وڃي، ۽ ممڪن آهي ته مائنس عمران خان، مائنس ن ليگ، ۽ هي ٻيا جيڪي به مولوي آهن، اهي به سڀ گڏجي هاڻ ڪنهن هڪڙي پليٽ فارم تي اچن ته انهن علمائن جي اتحاد مان، انهن جي پارٽيءَ مان جيڪو ملڪ کي ڪو نه ڪو فائدو نصيب ٿيندو، جنهن وٽ تفرق نه هجي، نفرت نه هجي، فرقه پرستي نه هجي، پاڪستانيت جي سوچ هجي ته پوءِ وفاق پرست زرداري ۽ بلاول کان وڌيڪ هن وقت پاڪستان ۾ ڪير ئي ڪونهي ڪو.

تڏهن مون چيو ته ”يار… ڳالهه اها آهي ته پاڻ هر دفعي ساڳيون خبرون ڪريون ٿا ۽ انهن ساڳين ماڻهن جي باري ۾ ڳالهايون ٿا ۽ گڏجي سوچيون ته اها ڪرپشن جنهن کي چيو وڃي ٿو، اڳي ته اسان وٽ نالو هوندو هو رشوت جو، هن وقت، هن ملڪ ۾ ڪوبه ادارو، ڪوبه دڪاندار، ڪابه اسپتال، ڪابه تعليم گاهه يا ترقيءَ جا جيڪي به ادارا آهن، انهن ۾ ففٽي پرسنٽ ڪميشن ۾ هليو ٿو وڃي، ففٽي پرسنٽ مان آفيسر ۽ انهن جا حواري کڻن ٿا، باقي جيڪو ٺيڪيدارن کي بچي ملي ٿو، ان مان هو پنهنجو به کڻن ٿا ۽ ٻين لاءِ به، ان ڪري پليون وقت کان اڳ ڊهيو ٿيون وڃن.

رستا به ڇهن مهينن اندر اکڙيو ٿا وڃن، اهڙي نموني سان اسڪولن جون جيڪي بلڊنگون آهن سي به ماشاءَ الله سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڊٺيون پيون آهن، ۽ وري جيڪا هن وقت ۾ صورتحال پيدا پئي ٿئي، ۽ جيڪي بجيٽون رکيون پيون وڃن، انهن مان به صرف انهن کي ئي فائدو پيو ٿئي.“

ڪرپشن جا ڪئين قسم آهن، پر بين الاقوامي ليول تي جيڪا هن وقت ڪرپشن ٿئي پئي، ان جو ڪرتو ڌرتو آمريڪا آهي، جنهن جا اهي ڇهه سفير انڊيا، برطانيه، آمريڪا، فرانس، ڪئناڊا وغيره جيڪي هن وقت پاڪستان ۾ آهن، اهي جڏهن پهرئين عراق ۾ هئا ته اتي تباهي ٿي، لبيا ۾ هئا ته اتي به تباهي ٿي ۽ شام ۾ به هئا ته اتي تباهي ٿي، ۽ اهي ساڳيا ڇهه سفير هن وقت پاڪستان ۾ گڏ آهن، ۽ ساڳيا ئي ناپاڪ ارادا رکن ٿا، اسان ڏٺو ته ڪيئن آرام سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتڪار جيڪو پاڪستاني ماڻهو ماريو، ٻه ڏينهن پهرئين ته انهن جو هوائي جهاز خالي موڪليو ويو، پر اوچتو جهاز روانو ڪرڻ کان پوءِ مارڪيٽ ۾ ۽ ميديا ۾ خبر اچي ويئي ته آمريڪي سفارتڪار کي خصوصي جهاز جي ذريعي روانو ڪيو ويو ۽ انصاف ڪرڻ لاءِ ڪيس به انهن کي ڏياري موڪليو ويو آهي، اهڙي طرح اهي سفير به اسان وٽ موجود آهن، ۽ آمريڪا جو تسلط اسان تي ساڳئي انداز ۾ موجود آهي.

انهن، جيڪي ڪارناما اسان جي مسلمان ڀائرن سان، اسان جي معصوم مسلمانن سان جيڪي ڪارناما ڪيا آهن ان جي ڪري اسان جا نسل اڃان تائين دربدر آهن، ۽ اڃان به هنن جا ناپاڪ ارادا اتي اڃان پورا ٿيڻا آهن، ته هاڻ وري اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ اچي اها چنڊال چوڪڙي گڏي آهي، خدا ڪري اسان جي ملڪ پاڪستان جو خير ٿئي، هيءَ جيڪا اليڪشن آهي ۽ صورتحال جيڪا هنن کي ميسر ڪري پئي ڏئي ته هو ڪنهن نه ڪنهن قسم سان اهڙو رنگ رنگيندا جو اسان جي فوج ۽ اسان جا ادارا ته وڏا طاقتور آهن، دنيا ۾ پهريون نمبر مڃيا وڃن ٿا، پر آمريڪي جيڪي پگهاردار آهن ۽ جن جن ادارن وٽ آهن، انهن هميشه هن ملڪ جي جمهوريت، سياست ۽ وقار کي نقصان پهچائڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.

هن وقت عالمي سياست ۽ عالمي سازش مطابق واپڊا جي طرفان ڪالا باغ جو رينگٽ شروع ٿيو آهي، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو جواز بنائي وري ڪالا باغ ڊيم جي صورتحال کي هڪ دفعو ٻيهر اسان جي مٿي ۾ هڻندا، ته جيئن اسان احتجاج ڪريون، اسان جون ننگ نياڻيون احتجاج ڪري، پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ خلاف جيڪو احتجاج ڪيو ۽ گورنر سان وڃي مليا آهن، ۽ ان کان اڳ به مسلسل جيڪو سلسلو انهن جو جاري آهي، اهي جيڪي به گوڙ گهمسان آهن، اهي سڀ هٿ سان ارينج ٿيل آهن، ته ايندڙ اليڪشن ۾ جيڪو ماحول ٺهندو،اُن ۾ شناختي ڪارڊن جي مسئلي جي ذريعي جهيڙو ڪرايو ويندو، باقي پاڻي سو اسان وٽ جر ته هوئن ئي کارو ٿي ويو آهي، ۽ وفاق کان ملندڙ جيڪا رقم آهي، ان مان سنڌ تي ڇاونجاهه سيڪڙو خرچ نه ڪري وري واپس موڪلي پئي وڃي، هاڻ آفيسرن جون نيتون به اسان جي آڏو آهن، سياستڪارن جون سمجهون به اسان جي آڏو آهن، ۽ اسين گڏجي پنهنجي ملڪ پاڪستان سان گڏوگڏ سنڌ ويچاريءَ سان جيڪي ڪجهه ڪرڻ وارا آهيون، بس اها سنڌ آهي سڏڪن ۾، سنڌ کي الله تبارڪ وتعاليٰ دشمنن جي هر نظر کان، هر حملي کان محفوظ رکي.

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.”

هي به ڏسي سگهو ٿا

انهن جي موٽڻ سان مرڪ موٽي ايندي..!

محمد خان دائود اُها احتجاجي ڪيمپ ختم ٿي وئي، جنهن ڪيمپ جي ڪري ڪراچي پريس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے