17 جمعو , آگسٽ 2018

عوام جا ساڳيا سور

مايا ساگر اوڏ

هونئن ته ٽنڊوالهيار ضلعو ادبي توڙي سياسي شخصيتن سان مالامال آهي پر تنهن هوندي به هن ضلعي ۾  رهندڙ غريب عوام جا سور سدائين وقت به وقت وڌندا رهن ٿا سندن آزار جون علامتون کين مجبور ڪري رهيون آهن چوندا آهن ته جيڪڏهن گيهه سڌي آڱر سان نه نڪري ته مجبورن آڱر ٽيڙي ڪرڻي پوي ٿي گذريل مهيني به ائين ٿيو هن ضلعي جي هڪ ڳوت ۾ پوليو دوران هڪ پوليو ٽيم پنهنجو ورڪ ڪرڻ وئي ته اتان جي ماڻهن پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ هڪ شرط رکيو ته پهرين هن بند پيل اسڪول ۾ ماستر موڪليو پوءِ-پوليو جا ڦڙا پيارينداسين پوءِ- ته هيلٿ آفيسر ٿرٿلي ۾ پئجي ويا ڇاڪاڻ جو هيلٿ وارا ڊاڪٽرن جي ٽيم ته موڪلي پيا سگهن پر ماستر ڪٿان آڻين پر ٻي نظر سان ڏسجي ته اهي نماڻا ماڻهوَ پنهنجي ٻچڙن جي صحت سان گڏ تعليم به ضروري پيا چاهين، هو انهن سٻاجهڙن ماڻهن جي احتجاج جو هڪ منفرد سو طريقو انهن جي نظر ۾ شھرن مان آيل سڀئي آفيسر هڪ ئي ڳالهه آهن، سندن خيال موجب ته شھر مان پوليو ٽيم اچي سگهي ٿي، ووٽن لاءِ سياسي پارٽيون پنهنجا بوٽ گسائي سگهن ٿيون،

عوام جو رت چوسڻ لاءِ  انهن تي ھزارين بهانا جوڙي ٽيڪس لڳائي سگهن ٿا ته پوءِ هتي ماستر موڪلي بند پيل اسڪول کولرائي اسان جي ٻچڙن کي تعليم ڇو نٿي ڏني وڃي ھي ڪهاڻي هئي ٻھراڙي جي  پر هاڻي نظر وجهون ٿا ٽنڊوالهيار جي شھر جي نظر انداز ٿيل وتايو فقير ڪالوني تي هتي ويجهو ڪو اسڪول ئي ناهي هتان جي بي پهچ غريب عوام جيڪي پنهنجي ٻچڙن جي پيٽ گذر ۾ پورو آهي، اهو عوام وڌيڪ خرچ ڪيئن ٿي برداشت ڪري اسڪول هنن کان تمام پري آهي ننڍڙا پتڪڙا پنڌ ڪري پري نٿا وڃي سگهن چڱن ڀلن ۽ سرنديءَ وارن جا  ٻچڙا ته ڪارن۽ رڪشن ۾ ويهي اسڪول وڃي سگهن ٿا پر غريبن جا ٻچا رستن ۾ رانديون ڪندي وڙھندي پرچندي نظر ايندا آهن سنڌ جي مشھور امر درويش وتائي فقير جي نالي سان منسوب هي هڪ پهاڪو بڻجي وئي آهي هتان جي مسڪين عوام پنهنجي ٻچڙن کي  ٻه ويلا ماني کارائي يا اسڪول موڪلي سندن اولاد جي تعليم انهن جي پهچ کان پري ٿيندي ٿي وڃي ڏاڍي ڏک سان اهو چوڻو ٿو پوي ته جڏهن اليڪشن ويجهي هوندي آهي تڏهن ڊور ٽو ڊور مختلف سياسي پارٽين جا پنڌ ايلاز به هوندا اٿن  کوڙ واعدا تڙ تڪڙ ۾ ڪري ويهندا آهن اليڪشن واري ڏينهن به سندن اوٻاسين مان اهو ظاهر ھوندو آهي ته هنن ڏينهن رات اوجاڳا ڪري عوام کي ووٽ ڏيڻ لاِ تيار   ڪيو هوندو ووٽن دوران در در تي گاڏيون موڪلي عوام جي اڱوٽي لاِ بيچين  هوندا آهن هر دفعي هن عوام سڀ ڪجهه وساري پنهنجو ووٽ اعليٰ اقتدار ڌڻين کي ڏنو، کوڙ آسرن ۽ اميدن سان پر شايد عوام طرفان مليل ڪرسي جو قرض انهن سياسي ڌرين کان وسري وڃي ٿو تڏهن عوام سان ڪيل سڀئي واعدا کين مذاق محسوس ٿيندا آهن،

اڄ تائين هتي ڪوبه اسڪول منظور ٿيو، نه هتان جا معصوم ٻار جن جي هٿن ۾ ڪتاب قلم هئڻ کپن انهن معصومن جي اکين ۾ مفلسي ڊوڙي رهي آهي سندن سپنا هٿن مان واري  – جيان کسڪي رهيا آهن هتان جا معصوم ٻچڙا  پنهنجي والدين کي سوال ڪن ٿا امان اسان جي ڪالوني ۾ اسڪول ڇوناهي،؟ اسان جي پهچ کان اسڪول ۽ تعليم ڇو پري آهي  ؟ اسان به ٻين ٻارن جيان اسڪول ڇو نٿا وڃي سگهون؟ جن ووٽن دوران گاڏيون موڪليون اهي اسان کي پڙھائڻ لاِ گاڏيون ڇو نٿا موڪلين؟ ائين سندن ڪوئلي جيان ٻرندڙ سپنا جذبات ٿي ٻري رک ٿي وڃن ٿا.

خدارا هڪ نظر هن ڪالوني تي ڪريو هتان جي معصومن کي به صحت سان گڎ تعليم جو حق ڏنو وڃي سندن مستقبل اونداهي ٿيڻ کان بچايو ۽اڌ ۾ رهيل ترقياتي ڪم به پورا ڪيا وڃن هنن کي به شھرين جا حق ڏيو يا ووٽن دوران هن عوام کي به مجبور ٿي چوڻو پوندو پهرين اسڪول پوءِ  ووٽ پهرين گلين ۾ بجلي جا کنڀا لڳايو پوءِ  ووٽ پهرين ڪنهن غريب جي گهر نلڪو لڳرايو پوءِ  ووٽ  ڇا هتان جي به مسڪين عوام کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاِ ويڪسينٽر واپس موڪلڻا پوندا.

خدارا جڏهن عوام جي هٿن ۾ اوهان جو فيصلو هوندو آهي ته عوام اُن تي لهي ٿيو، پوري لهي ٿي پر ڳالهه جڏهن عوام جي حقن جي ٿئي ٿي ته پوءِ  چپ جو تالو لڳايو وڃي ٿو هر عرض ٻڌو آڻ ٻڌو ڪيو وڃي ٿو هي سوال  تعليم جو آهي ڇاڪاڻ جو تعليم هر امير توڙي غريب جي ٻچڙي جو بنيادي حق آهي، منهنجي ڀيڻ اديبا گل مگسي جڏهن تو هن تڪ مان اليڪشن کٽي ورتي ٻئي ڏينهن عوام تنهنجو استقبال دهلن ۽ شرناين سان ڪيو هو کوڙ اميندون منهنجن ماروئڙن جون تو ۾ ھيون پر سڀئي سپنا مٽيَ ۾ ملي ويا

هن تڪ ۾ ترقياتي ڪم ٿيڻا هئا سڀني تڪن جا ترقياتي ڪم مڪمل ٿي ويا پر اسان جو هي تڪ ڪنهن يتيم ٻار جيان لاوارث ٿي ويو، مون کي خبر پئي آهي ته اوهان اليڪشن کٽڻ کان پوءِ  جلد ئي آمريڪا وسائي اتي رهائش ڪئي، پر توکي آمريڪا۾ ناشتي واري ٽيبل تي روزانو انگريزي اخبار پڙھندي هتان جا سنڌي ٻچا ڪيئن ياد ايندا جن جي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم ناهن؟ هوائي جهازن ۾ گهمڻ واري محترمه توکي هتان جو ڦٽيون چونڊيندڙ مائرون ڪيئن ياد اينديون؟ پلنگن تي سڪون سان ننڊ ڪرڻ واري منهنجي ڀيڻ اليڪشن اچڻ واري آهي مون کي لڳي ٿو اهي سڀئي وري توکي ياد ايندا پر صرف ئي صرف پنهنجي مقصد لئه وري به تون هنن دروازن جو رخ ڪندينءَ ۽ عوام جون التجائي اکيون تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهن ؟؟؟؟؟؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ حڪومت کي پنهنجي گهران لڳندي!؟

عبدالمجيد مغيري پي ٽي آءِ، عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر نامزد ڪيو، هن صاحب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے