22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز | سانگهڙ: تربيت حاصل ڪندڙ شاگردياڻين ۾ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا

Sanghar Prize and certificates were distributed in student disciplinesسانگهڙ ۾ تقريب ڪوٺائي تربيت مڪمل ڪندڙ شاگردياڻين کي سرٽفڪيٽ ۽ انعام ڏنا ويا.

وومين امپاورمينٽ سينٽر ۾ هٿ جي هنر ۽ ڪمپيوٽر جو ڪورس مڪمل ڪندڙ شاگردياڻين لاءِ ڪوٺايل تقريب ۾ اي ڊي سي جاويد ڏاهري، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيت المال نجم الدين جمالي ۽ محمد رفيق سميت ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي اي ڊي سي جاويد ڏاهري چيو ته نياڻين ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ آهي، سنڌ جي نياڻي جي ھٿ جي ھنر جو سموري دنيا ۾ ڪوبه مقابلو ناهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ تمام گهٽ موقعا آهن، اهڙي ۾ سنڌ حڪومت طرفان ھٿ جي ھنر کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ تمام اهم قدم کنيا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو  ته سنڌ جي نياڻي جا ھٿ سونا آهن سندن تيار ڪيل شيون دنيا ۾ مشهور آهن.

تقريب ۾ تربيت مڪمل ڪندڙ شاگردياڻين ۾ سرٽفڪيٽ ۽ انعام ورهايا ويا، شاگردياڻين قومي گيت  پڻ ڳايا.

تقريب جي پڄاڻي وقت  غريب نياڻين ۾ عيد جا ڪپڙا پڻ ورھايا ويا

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے