17 جمعو , آگسٽ 2018

نيوز | ڌاٻيجي: آجپو جي سڏ تي سجاد جوکيي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڌاٻيجي ۾ آل جوکيا پروگريسو ايسوسيئيشن جي سڏ تي قاضي احمد ۾ پوليس تشدد ۾ مارجي ويل سجاد جوکيي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

جوکيا برادري جي ماڻهن آجپو جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي اڳواڻن سرور سالار، حفيظ جوکيو ۽ نياز  جو چوڻ هو ته قاضي احمد پوليس بنا سبب بيڏوهي نوجوان کي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪيو آهي،.

هنن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي نوٽيس کانپوءِ به بااثر ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ايس ايڇ او  کي گرفتار ڪري مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shikarpur: Man kidnapped in a village by disguised kidnappers

صبح يارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-08-17

*ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم ڪير، فيصلو اڄ ٿيندو، عمران خان ۽ شهباز شريف آمهون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے