22 منگل , مئی 2018

پاڪستان جي آئين ۾ سپريم ڪورٽ بااختيار، تازو ئي ڪيترائي پاڻمرادا نوٽيس ورتا: ثاقب نثار

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو آئين سپريم ڪورٽ کي مڪمل اختيار  ڏيندو آهي، تازو ئي پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ ڪيترائي پاڻمرادا نوٽيس ورتا ۽ بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ ڪيترائي حڪم جاري ڪيا. چيف جسٽس آف پاڪستاني ثاقب نثار روس ۾ عالمي ليگل فورم کي خطاب ۾ چيو ته عدليه رياست جو اهم ٿنڀو هئڻ جي حيثيت سان بنادي حقن جو تحفظ ڪندي آهي، سول ڪورٽن، هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ جو بنيادي مقصد انصاف جي فراهمي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ بهترين ۽ ايماندار جج موجود آهن. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته آئين پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ کي مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن، سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس جي اختيار جي تحت حقن جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس وٺندي آهي، تازو ئي مون پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ ڪيترائي پاڻمرادا نوٽيس ورتا. چيف جسٽس آف پاڪستان جو چوڻ هو ته عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ ڪيترائي حڪم جاري ڪيا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Supreme Court: The interim bail passed by former IG Ghulam Haider Jamali

سپريم ڪورٽ:اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي جي عبوري ضمانت منظور

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي  پوليس ۾ ڀرتين بابت اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدرجمالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے