22 منگل , مئی 2018

شهباز شريف صوبي جي صحت ۽ تعليم جي بجيٽ کي اورنج ٽرين تي لڳايو: نفيسه شاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو شهباز شريف جي بيانن تي رد عمل سامهون اچي ويو. نفيسه شاهه چيو ته شهباز شريف صوبي جي صحت ۽ تعليم جي بجيٽ کي اورنج ٽرين منصوبي ۾ لڳائي ڇڏيو. نفيسه شاهه چيو ته اورنج ٽرين ڪرپشن جو ميگا اسڪينڊل آهي جيڪو جاچ ۾ ثابت ٿي ويندو، شهباز شريف ٻڌايو ته پنجاب جي هر ميگا پراجيڪٽ جو ريڪارڊ ڪيئن سڙي ويندو آهي؟ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نفيسه شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته شهباز شريف پهرين به پنهنجي زبان درازي جي ڪري آصف زرداري کان معافيون وٺي چڪو آهي. هن چيو ته جمهوريت ۽ ن ليگي حڪومت آصف زرداري جي جمهوري بندوبست جي ڪري آهي، هن وقت سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ آهي هاڻ عوام شوباز کي چوندو ته هو پنهنجو تبديل ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Supreme Court: The interim bail passed by former IG Ghulam Haider Jamali

سپريم ڪورٽ:اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي جي عبوري ضمانت منظور

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي  پوليس ۾ ڀرتين بابت اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدرجمالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے