20 خميس , سيپٽمبر 2018

87 ڏينهن بعد عمران خان ملڪ جو وزير اعظم هوندو: مراد سعيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر  مراد سعيد چيو آهي ته 87 ڏينهن کان پوءِ عمران خان ملڪ جو وزير اعظم هوندو، ڪير به رستو نٿو روڪي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهرا هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تبديلي جو سج لهڻ چڪو آهي، وزير اعظم بڻجندي ئي 200 ارب ڊالر عمران خان واپس آڻيندو. هن چيو ته هڪ شخص ديوانو ٿي ويو آهي، ڀارتي ٻولي ٻولي رهيو آهي. مراد سعيد جو چوڻ هو ته انهن ماڻهن کي هڪ ئي خوف آهي ته چوري پڪڙي وئي ته جيل ويڻو پوندو، جڏهن ان جي جهڙتي ورتي هئي ته هڪ هڪ جي کيسي مان اربين رپيا نڪرندا آهن. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ چيو ته مون پهرين کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته عمران خان وزير اعظم بڻجندو، 87 ڏينهن بعد پاڪستان ۾ خوشحالي ئي خوشحالي هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان طرفان ڀارتي وزيراعظم کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي آڇ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي خط …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے