21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

رمضان المبارڪ ۾ ڪراچي لاءِ ٽريفڪ پلان جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ٽٽل روڊ، غلط انجنيئرنگ، 300 کان وڌيڪ چوڪنگ پوائنٽن  ۽ ملڪ جي سڀ وڏي شهر ڪراچي جي آبادي لاءِ نفسياتي مسئلو بڻجندڙ شئي ٽريفڪ آهي. اهو اهڙو مسئلو آهي جنهن مان ڪير به محفوظ ناهي. انهن ئي خدشن سبب رمضان المبارڪ لاءِ ٽريفڪ پلان به بڻايو ويو آهي. شهري جي مرڪزي روڊن کي پنج سيڪٽرن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ پهريون سيڪٽر ٽاور کان قائد آباد تائين جو آهي، اِهو سيڪٽر آءِ آءِ چندريگر روڊ، شاهه فيصل کان نيشنل هاءِ تي اسٽار گيٽ تائين بڻايو ويو آهي. ٻيون سيڪٽر عيدگاهه چوڪ کان سهراب ڳوٺ تائين آهي، جيڪو تبت سينٽر، نمائش، گرومند، تين هٽي، لياقت آباد کان عائشه منزل تائين بڻايو ويو آهي. ٽيون سيڪٽر گرومند کان پاور هائوس چورنگي تائين آهي، جيڪو لسٻيلا، ناظم آباد، ميٽرڪ بورڊ آفيس، سخي حسن کان پاور هائوس چورنگي تائين بڻايو ويو آهي. چوٿون سيڪٽر سيمنز چورنگي کان مواڇ ڳوٺ تائين آهي، جيڪو حبيب بينڪ چورنگي، غني چورنگي، ليبر اسڪوائر، بلديا ڪراسنگ کان مواڇ ڳوٺ تائين بڻايو ويو آهي. پنجون سيڪٽر گارڊن چوڪ کان پاڪ ڪالوني تائين آهي، اِهو گارڊ چوڪ کان لو لين برج، شاهه نواز ڀٽو چوڪ، بڙا بورڊ کان حبيب بينڪ چورنگي تائين بڻايو ويو آهي. رمضان المبارڪ دوران ٽريفڪ پلان جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي ٽريفڪ عمران يعقوب جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪراچي جي ٽريفڪ برقرار رکڻو آهي ته حددخليون هٽائڻيون پونديون، روڊن جي تعمير ۽ مرمت ڪرڻي پوندي، سيوريج سسٽم ٺيڪ ڪرڻو پوندو ۽ پارڪنگ جا مناسب بندوبست ڪيا ويندا. هن چيو ته شهر کي پنج سيڪٽرن ۾ ورهائي واڌو نفري به مقرر ڪري رهيا آهيون پر جيستائين انهن مسئلن جو حل نٿو نڪري ٽريفڪ جي مسئلي کي فوري حل ڪرڻ ممڪن ناهي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ عمران يعقوب جو چوڻ آهي ته سمورا وڏا انتر سيڪشنز کليل رکيا ويندا، خاص ڪري آفيس ۽ تعليمي ادارن جي وقت ۾، جن ماڳن تي تراويح پڙهي ويندي اتي خاص نفري مقرر هوندي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ ٻڌايو ته ڪراچي جي ڪمشنر کان ٽريفڪ وارڊن مهيا ۽ اسڪائونٽس تنظيمن سان رابطا ڪيا پيا وڃن جيئن ٽريفڪ رواني جي بحالي ۽ پارڪنگ جو مناسب انتظام آهي. هن چيو ته ٻئي عشري ۾ شاپنگ سينٽرن تي خاص بندوبست ڪيا ويندا، ضلعن جي ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي آهي ته شاپنگ سينٽرن ۽ مارڪيٽ اتنظاميا سان گڏجي رضاڪارن جو بندوبست ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عام چونڊ 2018ع: بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عام چونڊ 2018ع جي سلسلي ۾ بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ انٽرنيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے