21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

ناڪافي فنڊن جي ڪري ايشين گيمز جي ٽريننگ ڪيمپ بند

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسپورٽس بورڊ ناڪافي فنڊن جي ڪري ايشين گيمز جي ٽريننگ ڪيمپ بند ڪري ڇڏي. ميڊيا جي رپورٽن موجب پاڪستان اسپورٽس بورڊ ناڪافي فنڊن جي ڪري ايشين گيمز جي تياري لاءِ ريسلنگ، ڪراٽي ۽ جوڊو جا ڪيمپ بند ڪري ڇڏيا. ذريعن ٻڌايو ته ٽريننگ ڪيمپ بند ٿيڻ سبب ڪامن ويلٿ گيمز جي گولڊ ميڊلسٽ انعام بٽ سميت ڪيترن ئي رانديگرن ۾ ڳڻتي جي لهر آهي. خيال رهي ته ايشين گيمز هلندڙ سال آگسٽ ۾ انڊونيشيا جي راڄڌاني جڪارتا ۾ ٿيڻي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرضي جا فيصلا ڪرڻ تي ريفرنس ختم ۽ چيف جسٽس بڻائڻ جي آڇ ڪئي وئي: شوڪت عزيز صديقي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے