21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

ممبئي حملي  ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، فريادي جا آخري 2 شاهد طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ممبئي حملن واري ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ عدالت فريادي جي آخري ٻن شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت اسلام آباد فريادي جي ٻن آخري پاڪستاني شاهدن جي طلبي جا سمن جاري ڪري ڇڏيا. شاهدن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي واجد ضياءَ ۽ زاهد اختر شامل آهن. عدالت 27 ڀارتي شاهدن جي دستيابي بابت گهرو وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ ايف آءِ اي کان به جواب طلب ڪري ورتو. عدالت 23 مئي تائين ڀارتي شاهدن جي دستيابي بابت جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته هر هر چوڻ جي باوجود جنوري 2016ع کان ڀارتي شاهدن بابت آگاهه ناهي ڪيو ويو، ڪيس حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي هاڻ رڳو ٻن پاڪستاني شاهدن جا بيان ريڪارڊ ٿيڻ باقي آهي. ڪيس ۾ قاضي مصباح  سرڪاري وڪيل، واثق سعيد ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر آهي. ممبئي حملي ڪيس ۾ فريادي جي شاهد سهيل تاجڪ جو بيان ريڪارڊ ڪيو ويو. سهيل تاجڪ اُن وقت ايف آءِ اي ۾ آفيسر هو ۽ هاڻ هو ڊي پي او ڊيرا غازي خان جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ممبئي حملي ڪيس ۾ گڏيل طور تي ايف آءِ اي جي 85 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي طرفان 150 شاهدن جي فهرست عدالت کي ڏني وئي هئي جنهن مان 63 شاهدن کي غير ضروري قرار ڏئي ترڪ ڪيو ويو. ڪيس ۾ گڏيل طور تي 8 جوابدار نامزد آهن جن ۾ حماد امين، شاهد جميل، ظفر اقبال، عبدالواحد، محمد يونس، جميل احمد ۽ سفيان ظفر جيل ۾ آهن جڏهن ته ذڪي الرحمان لکوي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت تي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Protest of wasted social social activists

شريف ڀائرن عوام کي بيمارين ۾ مبتلا ڪيو آهي: پرويز الاهي

گجرات ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ق اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے