20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مسلمانن کي رمضان مهيني جون واڌايون، ٽوئيٽر تي تنقيد

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي رمضان جون واڌايون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وائٽ هائوس طرفان جاري ڪيل ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص پيغام ۾ چيو ويو ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ مسلمان عبادت ڪندا آهن، روزا رکندا آهن ۽ عطيا ڏيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته رمضان اسان کي ياد ڏيارندو آهي ڪهڙي ريت مسلمان آمريڪا ۾ مذهبي هم آهنگي وڌائي رهيا آهن. ڊونلڊ ٽرمپ موجب اسان خوش قسمت آهيون ته آمريڪي آئين مذهبي آزادي جي حوصلا افزائي ۽ عقيدن جو احترام ڪندو آهي، اسان جو آئين مسلمانن کي رمضان المبارڪ سندس عقيدي موجب گذارڻ جي آزادي ڏيندو آهي. آمريڪي صدر طرفان جاري ڪيل پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آئون ۽ پهرين عورت ميلانيا ٽرمپ مسلمانن کي هن برڪتن واري مهيني جي مبارڪبارد ڏيون ٿا. پر ان پيغام سان گڏ ئي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد شروع ٿي وئي ۽ صارفن آمريڪي صدر جا اُهي مسلم مخالف بيان شيئر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، جيڪي هن 2016ع واري صدارتي چونڊ دوران ڏنا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان طرفان ڀارتي وزيراعظم کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي آڇ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي خط …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے