17 جمعو , آگسٽ 2018

نواز شريف مودي سان محبت ڏيکاري سندس پارٽي جي حق ۾ مهم پيو هلائي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي سان محبت ڏيکاري اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سندس پارٽي جي حق ۾ مهم هلائي رهيو آهي. عمران خان پنهنجي ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته نواز شريف جو مدي سان محبت جتائڻ جو مقصد ڪاروباري مفادن کي تحفظ ڏيڻ آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حق ۾ مهم هلائڻ تي نواز شريف کي ساراهيان ٿو، هو جهڙي ريت مودي جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي ته وڏي انگ ۾ ماڻهو ن ليگ کي ڇڏي ويندا. هن چيو ته ايترا ماڻهو ن ليگ مان نڪرندا جو شايد پي ٽي آءِ به انهن کي نه رکي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مار ڪٽ ڪري ترقيون ڏيندڙ پوليس آفيسر سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿين: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس آفيسرن طرفان پنهنجي آفيس ۾ عدالت لڳائي واپار جي ورڇ جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے