21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

نقيب قتل ڪيس: هڪ شاهد جي ڦري وڃڻ سان ڪو به فرق نه پوندو: آءِ جي سنڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جو چوڻ آهي ته نقيب الله قتل ڪيس ۾ پوليس جي هڪ شاهد جي ڦرڻ سان ڪو به فرق نه پوندو.  نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوابدار رائو انوار هن وقت جوڊيشل ريمانڊ تي پنهنجي گهر ۾ قيد آهي جنهن کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته عدالت ڪيس ۾ جوابدار تي 19 مئي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪورنگي ايسوسيئيشن ۾ واپارين سان خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته 26 هزار پوليس فورس اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪري مڪمل شفافيت سان ڀرتي ٿي، شهر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻن سالن ۾ ڪراچي ٽريفڪ پوليس کي 200 کان وڌائي ساڍا 7 هزار ڪيو ويو. هن چيو ته سڄِ ڪراچي ۾ سيف سٽي منصوبي جي لاءِ 30 کان 35 ارب رپيا خرچ ڪرڻا پوندا، لاهور ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ تي 15 ارب رپيا خرچ ڪري 10 هزار ڪيمرائون لڳايون ويون. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران اي ڊي خواجا نقيب الله قتل ڪيس تي ڳالهائيندي چيو ته ڪرمنل اينڊ جسٽس سسٽم ۾ هر هڪ جو پنهنجو ڪردار هوندو آهي، پوليس جاچ جي حد تائين پنهنجو ڪردار پاڻ ادا ڪيو ۽ پهريون ڀيرو پوليس نقيب ڪيس ۾ پنهنجي ئي هڪ آفيسر جي خلاف بي رحمي سان جاچ ڪئي آهي. نقيب الله قتل ڪيس ۾ شاهد جي ڦرجڻ تي اي ڊي خواجا جو چوڻ هو ته پوليس جي هڪ شاهد جي شاهد جي ڦرڻ سان ڪو به فرق نه پوندو، ٻه ڇوڪرا اکين ڏٺا شاهد آهي جيڪي نقيب سان گڏ هئا. آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته 2018ع جي 5 مهينن ۾ پوليس جي ڪا به ٽارگيٽ ڪلنگ ناهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Protest of wasted social social activists

شريف ڀائرن عوام کي بيمارين ۾ مبتلا ڪيو آهي: پرويز الاهي

گجرات ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ق اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے