22 منگل , مئی 2018

ڪراچي: رمضان کان اڳ کائڻ پيئڻ وارين شين جي پرائس لسٽ جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ تيارين جو سلسلو جاري آهي جڏهن هڪ مقدس مهيني جي ايندي ئي کائڻ پيئڻ وارين شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون آهن. ڪراچي جي ڪمشنر سحري ۽ افطار جي لاءِ کائڻ ۽ پيئڻ جي شين جي پرائس لسٽ جاري ڪري ڇڏي.

سوئٽس ۽ نمڪو پهرين درجي جي پرائس لسٽ:

قيمي وارا سموسا في درجن 168 رپيا

پٽاٽن وارا سموسا في درجن 168 رپيا

بهترين ڪوالٽي جي هڪ سموسي جي قيمت 14 رپيا

مڪس پڪوڙا في ڪلو قيمت 220 رپيا

کير واريون ڦينيون في ڪلو 300 رپيا

جليبي في ڪلو 240 رپيا

سوئٽس ۽ نمڪو ٻئين درجي جي پرائس لسٽ:

هڪ سموسي جي قيمت 10 رپيا

قيما وارا سموسا في درجن 120 رپيا

پٽاٽي وارا سمورا في درجن 120 رپيا

مڪس پڪوڙا في ڪلو قيمت 200 رپيا

کير واريون ڦينيون في ڪلو 200 رپيا

جليبي في ڪلو 160 رپيا

ڪراچي جي ڪمشنر موجب مقرر ڪيل قيمتن ۾ ڦيرڦار يا وڌيڪ پيسا وٺڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان سواءِ ڪراچي ۾ کجور جي قيمتن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 10 کان 20 رپيا في ڪلو وڌيڪ آهي. ڪراچي کجور بازار ۾ پاڪستاني، ايراني ۽ عراقي کجور وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن ۾ عراقي بصره کجور جي گهرج سڀ کان وڌيڪ آهي. بصره کجور 100 کان 150 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. بلوچستان جي کجور 150 کان 250 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي ۽ سکر ۾ اصيل کجور 120 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي هيٽ ويو: ٽن ڏينهن ۾ 64 لاش ايڌي سرد خانن ۾ رکرايا ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) فلاحي اداري ايڌي جي سرد خانن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ آيل ميتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے