21 جمعو , سيپٽمبر 2018

لاهور ۾ اورنج ٽرين جو آزمائشي سفر، شهري بنا ٽڪيٽ جي سفر ڪندا

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏيندڙ اورنج لائن ميٽرو ٽرين اڄ آزمائشي سفر شروع ڪندي ۽ شهري بنا ٽڪيٽ جي سفر ڪري سگهندا.لاهور اورنج ٽرين اڄ ٻيو ڀيرو آزمائش جي لاءِ ٽريڪ تي ايندي جنهن جي لاءِ شهري بنا ٽڪيٽ وٺڻ جي ڊيرا گجران کان لڪشمي چوڪ تائين سفر ڪندا.اورنج ٽرين جي آزمائشي سفر جي لاءِ مختلف اسٽيشنن کي ڪنوار جيان سنگاريو ويو آهي، ۽ ٽريڪ جي پاسن کان رنگين ۽ من موهيندڙ ٻوٽا رکيا ويا آهن جيڪي دلڪش منظر پيش ڪري رهيا آهن.ڊيرا گجرا کان هلندڙ ارونج ٽرين لڪشمي چوڪ تائين پنهنجو آزمائشي سفر طئي ڪندي، جتي مسلم ليگ (ن) جي طرفان جلسي جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي جنهن کي پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف خطاب ڪندو. اورنج ٽرين منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چيئرمين خواجه احمد حسان جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ 26 فيبروري تي ريل کي آزمائشي طور تي هلايو ويو هو ، جڏهن  ته ان وقت سفر محدود هو، پراڄ ٿيندڙ آزمائشي  ٽرائل ۾ ريل 11 ڪلوميٽرن تائين سفر طئي ڪندي.ٽرين جي ڪرائي بابت خواجه احمد حسان ٻڌايو ته ان حوالي سان اڃان تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو .اورنج ٽرين منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪيمٽي جي چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته منصوبو جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ۽ هاءِ ڪورٽ سامهون انڊرگرائونڊ اسٽيشن جو تعميراتي ڪم تيزي سان جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے