21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

اسرائيلي سرحد تي مظاهرا غزه جي ناڪابندي  تائين جاري رهندا: حماس اڳواڻ

Hamas leader continues to fail to protest demonstration on Israeli border: Hamas leaderغزه(ويب ڊيسڪ) حماس جي صحت واري وزير باسم النعيم غزه جو چئني پاسن کان گهيراءُ  فوري ۽ غير مشروط طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي سرحد وٽ مظاهرا غزه جي ناڪابندي جي خاتمي تائين جاري رهندا. نجي ٽي وي چينل سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي باسم النعيم ٻڌايو ته اڄ اسرائيلي حملن ۾ ٻن فلسطينين شهيد ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.باسم النعيم ٻڌايو ته هزارين فلسطيني هن وقت به اسرائيلي سرحد تي جمع آهن جڏهن ته 60 سخت زخمين کي مصر سرحد کان داخلا ناهي ڏئي رهيو.هن ٻڌايو ته اسرائيل 12 صحافين کي به ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو آهي. واضح رهي ته اسرائيلي فوج جي طرفان فلسطينين مٿان ظلمن جو سلسلو جاري اهي ۽ گذريل ٻن ڏينهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 60 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسرائيلي پارليامينٽ صيهوني رياست جو تڪراري بل منظور ڪري ورتو

يروشلم ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي پارليامينٽ اسرائيل کي صهيوني رياست قرار ڏيڻ جو تڪراري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے