22 منگل , مئی 2018

والاريل ڪشمير ۾ جنگ بندي جي تجويز رد، آپريشن جاري رهندو:نرملا سيتارمن

نئي دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جنگ بندي جي تجويز رد ڪندي آپريشن جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.والاريل ڪشمير ۾ سرگرم آزادي پسند تحريڪ جي عنصرن سان ڪا به ريايت نه ڪئي ويندي .پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي حڪومت جند بندي جي تجويز رد ڪندي اهو واضح ڪيو آهي ته ڪشمير ۾ سرگرم ويڙهاڪن سان ڪا به ريايت نه ڪئي ويندي.ڀارت جي گهرو وزير راجناٿ سنگهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته موجودا صورتحال ۾ اهڙو ڪو به فيصلو وٺڻ صيحيح نه هوندو جڏهن ته مرڪزي بچاءُ واري وزير نرملا سيتارمن  ٻئي طرفي لفظن ۾ سيز فائر تجويز کي رد ڪندي چيو ته ڪشمير ۾ عسڪريت پسندن جي خاتمي تائين ويڙهاڪ مخالف آپريشن جاري رهندي.بچاءُ واري وزير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جنگ جي تجويز کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته ڪشمير ۾ فوج جي طرفان عسڪريٽ پسندي جو خاتمو ڪرڻ لاءِ جاري عمل ۾ ڪا به رنڊڪ نه وڌي ويندي.هن چيو ته فوج ۽ ٻيون سيڪيورٽي ايجنسيون ڄمون ڪشمير ۾ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ڪاميابي سان پنهنجو ڪاروائيون سرانجام ڏئي رهيون آهن ۽ ڪاروائين ته ڪو به پابندي نه لڳائيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The German passport to be a lot of jihadists

ڪيترن ئي جهادين وٽ جرمن پاسپورٽ هئڻ جو انڪشاف

برلن(ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي جهادين وٽ جرمن پاسپورٽ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے