22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پي ٽي آءِ  جو  نه ڪو ڪردار آهي نه نظريو هي”پٽڪا لاهيندڙ“ پارٽي آهي:نوازشريف

PTI has no role but it is a "pashka" party: Nawaz Sharifاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف  مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ”پٽڪو لاهيندڙ “پارٽي آهي جنهن ڪو به ڪردار ۽ نظريو ناهي. احتساب عدالت ۾ حاضري واري موقعي تي عدالت ٻاهران غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران صحافي نواز شريف کان سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ ممبئي حملن سان لاڳاپيل تڪراري بيان واري معاملي تي توهان جي قومي ڪميشن جوڙڻ واري تجويز کي رد ڪري ڇڏي آهي.جنهن تي اڳوڻي وزير اعظم جواب ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ  جو نه ڪو ڪردار آهي ۽ نه نظريو، اها هڪ گندي زبان ڳالهائيندڙ ۽ پٽڪو اڇلائيندڙ پارٽي آهي.نواز شريف وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ امپائرن جي آڱر طرف ڏسندڙ پارٽي آهي. ان موقعي ته اڳوڻي وزير اعظم 2014 واري اسلام آباد ڌرڻي جو به ذڪر ڪندي چيو ته انهن ڌرڻن پٺيان به ڪيترائي ڪردار هئا.نواز شريف چيو ته عمران خان ۽ طاهر القادري به اهڙن ئي ڪردارن ۾ شامل آهن ۽ وقت اچڻ تي ٻين ڪردارن بابت به ٻڌائيندس.هن چيو ته تحريڪ انصاف ڌرڻن واري پارٽي آهي، انهن جو ”عوام جي ووٽ کي عزت ڏيو“ تي يقين ناهي.پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق نواز شريف جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف پنهنجو سياسي ڪردار ايترو ته داغدار ۽ ننڍ وڏائي تي ٻڌل آهي جو کيس ان جو ڪو به حق ناهي ته هو ڪنهن  ٻئي تي ڳالهائي سگهي، کيس پنهنجي گريبان ۾ به ڏسڻ گهرجي.نجي ٽي وي سان سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته 2014 جي ڌرڻي جي پٺيان پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام هئي.هن چيو ته ان ڌرڻي ۾ جنهن طريقي سان ماڻهن شرڪت ڪئي، ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هي هڪ ڪامياب مظاهرو هو، جيڪو پاڪستان عوام جي جذبن جي نمائندگي ڪري رهيو هو

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے