21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

دل جي رڳن کي صاف ڪرڻ واري انجيڪشن ۾ اهم ڪاميابي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) دل جي شريانين ۾ آهستي آهستي چرٻي ۽ ٻيا جزا جمع ٿيڻ لڳندا آهن جن کي مجموعي طور تي ”پلاڪ“ چيو ويندو آهي، ان پلاڪ جي وڌڻ سان دل کي رت جي فراهمي رڪجي ويندي آهي ۽ دل جي دوري جو سبب بڻجندي آهي، هاڻ ان کي صاف ڪرڻ لاءِ هڪ خاص طرح جو ٽڪو ٺاهيو يوو آهي جنهن جا تمام مثبت نتيجا سامهون آيا آهن. ان عمل ۾ ڪيترن ئي مهينن کان سال لڳندا ۽ ”پلاڪ“ سخت کان سخت ٿي ويندي آهي، رت جي شريانين ۾ ڄمندڙ اهو سڻڀو مادو ڪوليسٽرول، چرٻي، ڪيلشيئم، فائبرين ۽ غير حل ٿيندڙ پروٽين تي ٻڌل هوندو آهي، پوءِ شريانين جي لچڪ ختم ٿي ويندي آهي ۽ اها سخت ٿي ويندي آهي جنهن سان رت جو دورانيو سخت متاثر ٿيندو آهي. پر هاڻ ماهرن ان جي ساٿين خاص قسم جا نينو فائبرز تيار ڪري ان جي انجيڪشن اهڙن ڪوئن کي لڳائي آهي جن جون دل جون شريانيون بند هيون، ٽڪي ۾ موجود جزن ڪوليسٽرول کي هدف بڻايو ۽ دل جون رڳون کولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The disease with the use of vegetables and fruits can be minimized

سبزين ۽ ميون جي استعمال سان سهڪي جي بيماري کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو

پئرس(ويب ڊيسڪ ) جيڪڏهن ڪو شخص ميون ۽ سبزين جو گهڻو استعمال ڪندو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے