22 منگل , مئی 2018

دنيا جا جديد ۽ هلڪا ترين مشيني هٿ تيار

روم(ويب ڊسڪ) ماهرن هٿن کان محروم ماڻهن لاءِ دنيا جا جديد ترين، هلڪيون ۽ بهترين مشيني ٻانهون تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ ايندڙ سال جي تجارتي پيماني تي تياريون شروع ڪيو ويندو. اٽالين انسٽي ٽيوب آف ٽيڪنالوجي جي ڊاڪٽر ڊي ميڪائيلي ۽ ان جي ٽيم هڪ ٻانهون تيار ڪيون آهن جيڪي انتهائي جديد ۽ پيچيدهه ترين آهن. ڊاڪٽرن جي دعويٰ آهي ته هي بهترين گرفت فراهم ڪن ٿيون جيڪو ان کان پهريان ڪنهن به مشيني ٻانهه ۾ممڪن نه هو جڏهن ته هي فائدي مند به آهن. ڪمپني ايندڙ سال هن کي تجارتي پيماني تي تيار ڪندي ۽ هن جي قيمت 10 کان 12 هزار يورو جي لڳ ڀڳ رکي وئي آهي جيڪا 12 کان 13 لک پاڪستاني رپين جي لڳ ڀڳ آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته هن هلڪين ٻانهن جي ذريعي گهڻا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ۽ هن جو وزن انساني هٿن جي برابر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ پوليس حفاظتي انتظامن لاءِ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سمورن صوبن کي پوئتي ڇڏي ڏنو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے