21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

واپڊا جو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ، پنجاب جو سنڌ تي پاڻي زيان جو الزام

سکر(رپورٽ: اظهر علي دايو) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف جتي شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ باوجود سنڌ جي ٽنهي بئراجن ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر نه ٿي. عوامي آواز ۾ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏڻ جي نشاندهي بعد چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ ٽي پي ڪئنال ۾ پاڻي جو سلسلو بند ڪيو ويو. سکر جي ڪئنالن مان پاڻي ڪٽوتي ڪري ڪراچي لاءِ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو. مٿان کان پاڻي جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي،  ڊيمن ۽ بئراجن تي پاڻي جي صورتحال بهتر ٿيڻ بدران سنگين ٿيندي پئي وڃي ۽ سکر بئراج جي نڪرندڙ کير ڪئنال ۾ 1400 ڪيوسڪ، رائس ڪئنال ۾ 400 ڪيوسڪ، دادو ڪئنال ۾ 1150 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. هوڏانهن گذريل ڏينهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺڻ بعد سيڪريٽري آبپاشي کي هدايتون جاري ڪندي ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون هيون، جنهن کان پوءِ سکر جي ڪئنالن مان پاڻي جي ڪٽوتي ڪري ڪراچي لاءِ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. جيڪو ڪوٽڙي بئراج مان ڪلري وگهار ڪئنال جي ذريعي ڪينجهر ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو. ڪينجهر ڍنڍ جي پاڻي جي سطح گهٽجي وڃڻ بعد اهڙو اضافي پاڻي سکر مان ڇڏيو پيو وڃي. هوڏانهن اسڪردو ۾ گرمي پد نه وڌڻ ۽ گليشئر نه پگهلجڻ جي ڪري ڊيمن ۽ بئراجن ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ٿيڻ بدران سنگين ٿيندي پئي وڃي. تربيلا ڊيم ۾ 7 هزار ڪيوسڪ گهٽجي وڃڻ بعد تربيلا ۾ پاڻي جي آمد 46 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم ۾ 5 هزار گهٽجي وڃڻ بعد 35 هزار ڪيوسڪ، قابل ندي جا وهڪرا به گهٽجي ويا. قابل ندي ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽجي وڃڻ بعد 48 هزار ڪيوسڪ تي پهچي وئي. ڪالا باغ ڊيم جو مٿانهون وهڪرو 98 هزار 331 ڪيوسڪ، هيٺانهون وهڪرو 94 هزار 831 ڪيوسڪ، جڏهن ته پنجاب طرفان ٿل ڪئنال جي ذريعي 3500 ڪيوسڪ پاڻي چوري جو سلسلو هلندڙ آهي. چشما بئراج جو مٿانهون وهڪرو 86 هزار 53 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 60 هزار ڪيوسڪ ، چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال ذريعي 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. جڏهن ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي ذريعي پاڻي چوري ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ هو جنهن جي عوامي آواز ۾ نشاندهي ٿيڻ بعد چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي پاڻي جي فراهمي روڪي وئي آهي. تونسا بئراج جو مٿانهون وهڪرو 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي گهٽجي وڃڻ بعد 48 هزار 665 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 45 هزار 797 ڪيوسڪ ۽ ٽي پي ڪئنال جي ذريعي به پاڻي چوري ڪرڻ جو سلسلو روڪيو ويو آهي ۽ ڪڇي ڪئنال جي ذريعي 200 ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 189 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 35 هزار 585 ڪيوسڪ ۽ گڊو بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 69 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي. ڊيزر پڊ فيڊر ڪئنال ۾ 588 ڪيوسڪ، گهوٽڪي ڪئنال ۾ 2 هزار 16 ڪيوسڪ، سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 33 هزار 690 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 10 هزار 177 ڪيوسڪ ۽ سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 41 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. جڏهن ته کير ٿر ڪئنال ۾ 1400 ڪيوسڪ، رائس ڪئنال ۾ 400 ڪيوسڪ، دادو ڪئنال ۾ 1150 ڪيوسڪ، نارا ڪئنال 9 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرپور ايسٽ ڪئنال ۾ 1200 ڪيوسڪ، خيرپور ويسٽ 970 ڪيوسڪ، روهڙي ڪئنال ۾ 9200 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو 4 هزار 775 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو بند ڪيو ويو آهي ۽ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ 70 سيڪڙو تائين ۽ ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ ڪلري وگهار ڪئنال جي ذريعي ڪينجهر ڍنڍ جي سطح کي بلند ڪرڻ لاءِ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽنگيل پارليامينٽ بدقسمتي هوندي، پ پ سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو:عمران خان

اسلام آباد/ملتان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٽنگيل پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے