23 آچر , سيپٽمبر 2018

وزيراعظم ملڪ يا نواز شريف سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ وضاحت طلب ڪري ورتي

اسلام آباد ( م ڊِ ) تحريڪ انصاف نواز شريف جي تڪراري بيان تي وزيراعظم کان وضاحت طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف فيصلو ڪيو آهي ته وزيراعظم کان وضاحت طلب ڪئي ويندي، شاهد خاقان عباسي کان پڇا ڪئي ويندي ته هو نواز شريف جي نظريي سان گڏ آهي يا وري پاڪستان سان آهي؟ تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري هڪ انٽرويو ۾ چيو ته نواز شريف جي رياست ۽ ادارن سان ڪابه همدردي ناهي، ملڪ کي هن ڪناري تي پهچائڻ جو ذميوار نواز شريف آهي، هو ڪنهن نموني پاناما فيصلي کي روڪڻ چاهي ٿو. هن چيو ته نواز شريف هن وقت سمورن معاملن ۾ پاڻ کي بچائڻ لاءِ سمورو ڊرامو ڪري رهيو آهي.تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نواز شريف جي بيان سان ڀارت جي موقف هٿي ملي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته نواز شريف چوي ٿو ته جيڪو هن چيو تنهن ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي.، نواز شريف ٻڌائي ته سندس بيان جي ضرورت ڪهڙي هئي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا نواز شريف جي انٽرويو کي تمام گهڻو کنيو، ڳالهه قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ تائين پهچي وئي، نواز شريف اهو پڌرنامو رد ڪيو، ڪالهه کان سموري ملڪ ۾ هنگامو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي بيان تي حڪومتي اتحادي پارٽيون به سندس ساٿ نه ڏئي رهيون آهن، ٻن ڏينهن کان نواز شريف جو تڪراري بيان بحث جو موضوع بڻيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے