21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

سمنڊ ۾ گٽرن جي ڇوڙ تي بچاءَ سيڪريٽري طلب، ڊي ايڇ اي کي عوام ۽ سامونڊي جيوت جي پرواهه ناهي: پاڻي ڪميشن

ڪراچي (رپورٽ : ماريا اسماعيل)واٽر ڪميشن ڊفنيس جي سيڪريٽري کي 21 مئي جو طلب ڪري ورتو آهي .ڪميشن چيو ته جيڪڏهنبچاءَ سيڪريٽري پيش نه ٿيو ته سپريم ڪورٽ کي سفارش ڪئي ويندي ته ان جي خلاف ڪارروائي ڪري .سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رٽائرد جسٽس اميرهاني مسلم جي سربراهي ۾ واٽر ڪميشن جي اجلاس ۾ ڊي ايڍڇ اي پاران نيڪال جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏڻ جي حوالي سان پيش ڪرڻ واري رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي .ڪميشن پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان جي سيوريج لائنون سمنڊ ۾ وينديون آهن هنن جي اوهان رپورٽ جمع ڪرائي آهي .ڪميشن جي سربراهه چيو ته ڇا اوهان کي ماڻهن  ۽ سامونڊي جيوت جي پرواهه آهي .اوهان جي سنجيدگي جو اندارو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڊي ايڇ اي جي وڪيل جي سواءِ ڪو به آفيشل آفيسر پيش نه ٿيو آهي .ڪميشن جي سربراهه دي ايڇ اي جي غير سنجيدگي جي ڪري ڊفنيس  سيڪريٽري کي 21 مئي تي گهرائي ورتو آهي .ڪميشن جي سربراهه چيو ته جتي انسان پڪنڪ جي لاءِ اچن ٿا اتي سيوريج جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ غير قانوني آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽنگيل پارليامينٽ بدقسمتي هوندي، پ پ سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو:عمران خان

اسلام آباد/ملتان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٽنگيل پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے