21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

جر کارو ٿي ويو، سنڌ ۾ 56 سيڪڙو رقم خرچ ئي نه ٿي:مخالف ڌر

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر بجيٽ کي انگن جي هيرا ڦيري ۽ عوام دشمن قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام حڪمرانن کان ايندڙ اليڪشن ۾ ظلم جو حساب وٺندو، جڏهن ته سرڪاري ڌر  بجيٽ جي حمايت ڪندي آبپاشي نظام سميت ٻين منصوبن لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن 2 ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اجلاس ۾  بجيٽ بحث واري ٻئي ڏينهن به مخالف ڌر پاران حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي فنڪشنل ليگ جي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته بجيٽ ۾ عوام جي مفاد لاءَ ڪو به ويزن نظر نٿو اچي، 70 سال جي ڏهاڪي کان بجيٽ کوٽ ته  ڏيکاري وڃي ٿي پر اها کوٽ پوري ڪڏهن ٿيندي ان سوال جو جواب ڪير ڏيندو.هن چيو ته  بجيٽ ۾ بس هڪ رسم پوري ڪئي وئي آهي 18/2017 جي بجيٽ ۾  2 کرب 44 ارب رکيا ويا جنهن مان 54 سيڪڙو رقم خرچ ٿي ۽  9 کاتن ۾ 9 مهينن ۾ هڪ رپيو به خرچ نه ڪيوويو. 6کاتن 6 کان 18 سيڪڙورقم خرچ ڪئي،جنهن ۾ ناڻو کاتو ڪچي آبادي ،سنڌ روينيو، مائننر منرل سميت ٻيا کاتا شامل آهن هن چيو ته بجيٽ جي بجيٽ انعام جو انعام رهي ان ۾ ان کي نااهليت نه چئون ته ڇا چئون. هن چيو ته کاتن پاران ترقياتي ڪمن ۾رقم  خرچ نه ڪرڻ ۾ سمورا ڪامورا ملوث آهن سنڌ جي بجيٽ صرف پنن ۾ ئي سهي پر نظر ۾ خوشحالي نظر به نٿي اچي.  هن چيو ته  اين ايف سي ايوارڊ ته ڏيڻ به مسئلو آهي پر وڏو مسئلو بجيٽ خرچ نه ٿيڻ آهي. عوام کي پيئڻ لاءِ پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي. سمنڊ سنڌ کان ڪاهه ڪئي آهي. 25 اسڪولن کولڻ  ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر ان کي هلائڻ وارا بورڊ ڪٿي آهن. ڪاپي ڪلچر سالن کان ٽي وي تي ڏيکاريو  پيو وڃي. پر حڪومت لاءِ ڪا به ڳالهه ناهي. ابراهيم جويو جي نالي ادارو ٺاهڻ جو بل اسيمبلي منظور ڪري ڏنو پر 5 سال گذري ويا اهو نه ٺهي سگهيو. تعليمي ادارن ۾ سنڌي لکڻ تي فساد شروع ٿي ٿا وڃن سنڌ يونيورسٽي جو اهو معاملو شرم ناڪ هيو. سنڌ اسيمبلي جي سنڌي ويب سائيڊ نه ٺهي سگهي. پر آمريڪي ڪائونسل جي سنڌي ويب سائيٽ تي اسان واهه واهه ٿي ڪئيسين. اسان اهو ڏوهه قبول ڪيون ٿا ته سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ته پڙهائي نه سگهيا آهيون منڇر ڍنڍ مان 700 خاندانن کي لڏايو ويو آهي پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي اتي رهڻ وارا گدلو پاڻي پيئن ٿا اتي هڪ به اسڪول ناهي آر بي او ڊي ٺهندو ته ئي منڇر زندهه ٿيندي.   گورک هل منصوبو 29 سال گذري وڃڻ بعد مڪمل نه ٿيو، پي ايس پي جي سميتا افضل چيو ته حڪومت اسڪيمون پهرين ڏيندي آهي ۽ فزيبلٽي بعد ۾ تيار ڪندي آهي، حڪومت کي جيلن جو معيار بهتر ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته هلندڙ سال جي پهرين 4 مهينن ۾ ٿر ۾ 198 ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿيا آهن اها آهي حڪومت جي ڪارڪردگي، پ پ جي ايم پي اي خورشيد جوڻيجو چيو ته  وفاق سموري ٽيڪس جي اوڳاڙي جو نظام سنڌ حڪومت حوالي ڪندو ته سنڌ ترقي ڪندي سنڌ ۾ گذريل هڪ سال کان ڪو به واقعو پيشن نه ٿيو جنهن جو قانون لاڳو ڪندڙ اداري ۽ سنڌ حڪومت جون قربانيون ۽ ڪوششون شامل آهن. 1100 ٿاڻن تي گاڏيون ڪافي نه آهن ان لاءِ به حڪومت بجيٽ رکي آهي. ضلعن ۾ پوليس لائينن جي حالت خراب  آهي ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي جنهن ۾ جج بيوروڪريٽ  سماجي اڳواڻ شامل ڪيا وڃن جيڪي 11 سئو پوليس ٿاڻن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس لائنز جي تعمير لاءِ ڪم ڪن.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ثمر علي چيو ته  بجيٽ سان ڪجهه به نه ٿيندو جڏهن اسان ڪرپشن ڪندا رهنداسين سنڌ ترقي نه ڪندو افسوس ته ڪرپشن ۾ سرڪاري آفيسر به نٿا مڙن ڇا اهي ڪامورا وزير سياسي اڳواڻ ڪرپشن ڪري پسئو قبر ۾ کڻي ويندا.؟ نثار کهڙي کي اسڪول ڏيکاريا 52 اسڪولن ۾ باٿ روم نه هيا ۽ اهي اسڪول تباهه لڳا پيا هئا. چيو ويو ته هي اسڪول نه ٺاهجو ڇو ته اهو ادي جو حڪم آهي. سنڌ ۾ ادي جو ڪردار اتي اچي پهتو آهي؟  ان تي شيم شيم جا نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي صابر قائم خاني چيو ته  بجيٽ تي بحث پيو هلي پر ڪو به سيڪريٽري ۽ وزير موجود نه آهن، پي ايس پي جي ميمبر شيراز وحيد چيو ته بجيٽ عوام دشمن آهي، مخالف ڌر جي تڪن ۾ ڪو به ڪم نٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي تجويزون ورتيون وڃن ٿيون، مسلم ليگ فنڪشنل جي ايم پي اي وريام فقير چيو ته سنڌ جي آبادگارن سان ظلم ڪيو ويو آهي، شاهوڪار سنڌ ساڍا 19 ارب رپيا رڳو وياج جا ڏئي ٿي ته پوءِ اندازو لڳايو قرض ڪيترو هوندو، سنڌ کي قرضي بڻائيندڙ حڪمرانن کي عوام پٽي پيو. مسلم ليگ نواز جي ايم پي اي شاهه حسين شاهه شيرازي بجيٽ بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته  ٺٽي ۽ سجاول جي عوام سميت پوري سنڌ پاران رد ڪيل ذوالفقار آباد منصوبي لاءِ سرڪار 10 ڪروڙ رپيا رکيا آهن، سرڪار کي گهرجي ته اهي پئسا ان منصوبي لاءِ رکڻ بدران ٺٽي ۽ سجاول جي عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪيا وڃن.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽنگيل پارليامينٽ بدقسمتي هوندي، پ پ سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو:عمران خان

اسلام آباد/ملتان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٽنگيل پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے