21 جمعو , سيپٽمبر 2018

قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جو بيان رد، واڪ آئوٽ، حب الوطني جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي: شاهد خاقان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته محمد نواز شريف کي ڪنهن کان حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت نه آهي، جنهن شخص دٻاءُ برداشت ڪري پاڪستان کي جوهري قوت بڻايو ان جي خلاف الزام افسوسناڪ آهن، قومي سلامتي ڪميٽي پاڪستان جي طرفان ڄاڻي واڻي ممبئي حملن لاءِ حملو ڪندڙن کي موڪلڻ جي الزام ۽ ان جي غلط رپورٽنگ جي مذمت ڪئي آهي، پاڪستان جي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪرڻ جي پاليسي تي ڪاربند رهنداسين، جيڪڏهن پارليامينٽ حقيقت ۽ مفاهمتي ڪميشن بڻائڻ چاهي ٿي ته اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ شاهه محمود قريشي، شازيه مري، صاحبزاده طارق الله ۽ ٻين جي طرفان محمد نواز شريف جي انٽرويو جي حوالي سان اٿاريل نڪتن جو جواب ڏيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان هڪ مسئلو اٿاريو پيو وڃي جيڪو اخبارن جي زينت بڻجي رهيو آهي، جن دوستن ايوان ۾ اڀ ڏاريندڙ تقريرون ڪيون آهن، انهن محمد نواز شريف جو اهو انٽرويو به نه پڙهيو هوندو، جيڪڏهن هو انٽرويو پڙهن ها ته اها ڳالهه نه ڪن ها، وزيراعظم چيو ته غلط الزام لڳائڻ کان پهرين اهو سوچڻ گهربو هو ته هو ان شخص تي الزام لڳائي رهيا آهن جنهن شخص پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو ۽ دٻاءُ  برداشت ڪري پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو، هن چيو ته ڀارتي ميڊيا اڳوڻي وزيراعظم جي حوالي سان جيڪو معاملو اٿاريو آهي اهو محمد نواز شريف جي هڪ تفصيلي انٽرويو جو معمولي حصو هو، ڀارتي ميڊيا ان کي پنهنجي مقصدن لاءِ ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ۽ اسان جي بدقسمتي آهي ته ڀارت پنهنجي مقصدن لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اسان به اُهوئي ڳالهيون لکڻ شروع ڪري ڇڏيون ۽ ڀارتي مقصدن جي لاءِ استعمال ٿيڻ شروع ٿياسين، ڇا اسان پنهنجو پاڻ کي ڀارتي مقصد جي لاءِ استعمال ٿيڻ جي اجازت ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته محمد نواز شريف جنهن معاملي تي ڳالهه ڪئي آهي ان تي ماضي ۾ جنرل (ر) پرويز مشرف، جنرل (ر) شجاع پاشا، جنرل دراني، عمران خان ۽ رحمان ملڪ جا بيان به موجود آهن، وزيراعظم چيو ته انتهاپسندن ۽ غير رياستي عنصرن جي باري ۾ هڪ جملو غلط طريقي سان رپورٽ ٿيو آهي، نواز شريف اهو نه چيو هو ته جن ماڻهن ممبئي تي حملو ڪيو هو اهي ماڻهو پاڪستان ڄاڻي واڻي موڪليا هئا، ان تاثر جو ڪارڻ بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ ۽ مس رپورٽ آهي. هن چيو ته صورتحال جي ڏس ۾ قومي سلامتي جو اجلاس طلب ڪيو ويو ته جيئن ان ۾ صورتحال واضح ٿي سگهي، ان کي ڪو ٻيو رنگ نه ڏيڻ گهرجي ۽ نه ئي ان اشو کي ڦهلائڻ گهرجي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے