22 منگل , مئی 2018

هڪ فون ڪال بعد وزيراعظم جي پريس ڪانفرنس سرڪاري ٽي وي به نه ڏيکاري

Declaration of Nawaz Sharif: Prime Minister Parlamani's Party Meeting took placeاسلام آباد ( بيورو ) هڪ فون ڪال ذريعي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪرڻ کان روڪي وئي. قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرنامي کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪجهه دير بعد پريس ڪانفرنس ڪندو پر اها پريس ڪانفرنس ڪنهن به چينل ۽ ايتري تائين جو سرڪاري ٽي وي چينل تي به نشر ٿيڻ کان روڪي وئي جنهن بعد ڪيترائي سوال اٿيا ته ايئن آخر ڇو ٿيو آهي. ذريعن موجب نواز شريف کيس هدايت ڪئي ته هو پريس ڪانفرنس ڪري ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سندس بيان جي مذمت جي وضاحت ڪري.  نيوز ڪانفرنس نشر نه ٿيڻ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اطلاعات واري وزارت ۽ وزيراعظم آفيس لاعلمي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ ٻئي تي ذميواري وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ذريعن موجب هڪ فون ڪال ذريعي نيوز ڪانفرنس نشر نه ٿيڻ جو سبب بڻي.  رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پي ٽي وي انتظاميه کي هڪ فون ڪال آئي ۽ چيو ويو ته وزيراعظم جي پريس ڪانفرنس نشر نه ڪئي ويندي جنهن بعد انتظاميه پريس ڪانفرنس ڏيکارڻ کان انڪار ڪيو.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان به حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

پشاور (م ڊ) فاٽا بل جي معاملي تي مسلم ليگ ن سان اختلاف پيدا ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے