21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

قومي سلامتي ڪميٽي جو پڌرنامو رد، ڪميشن جوڙيو ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا: نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي پڌرنامي کي رد ڪندي چيو آهي ته هاڻي خبر پوڻ گهرجي ته ملڪ کي هن ڪناري تي ڪنهن پهچايو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو پڌرنامو افسوس جوڳو ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي جنهن کي رد ڪيان ٿو. هن چيو ته هاڻي پتو پوڻ گهرجي ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو بنياد ڪنهن وڌو ۽ ذميوار ڪير آهن. سندس چوڻ هو ته اسان جو ڪيترو پيارو ملڪ هو، هاڻي ان کي ڏسي تڪليف ٿي رهي آهي، خبر پوڻ گهرجي ته ملڪ کي هن ڪناري تي ڪنهن پهچايو آهي. نواز شريف چيو ته مون کي ٻڌايو ته ڪو ملڪ اسان سان گڏ بيٺل آهي، دنيا ۾ اسان اڪيلا ٿي ويا آهيون، قومي ڪميشن جي ضرورت آهي، ٻين ملڪن سان اسان جون دوستيون ٿي رهيون هيون، خواجه آصف کان پڇو ته ٻين ملڪن مون بابت ڪهڙي راءِ ڏني آهي. هن چيو ته ڊان ليڪس وقت سيڪيورٽي اجلاس ۾ به اها ئي ڳالهه ڪئي ۽ سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ ڪيل ڳالهين کي ڊان ليڪس جو نالو ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو پڌرنامو خوفناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي، معاملي جي جاچ لاءِ قومي ڪميشن جوڙڻ گهرجي ته جيئن اڇو چٺو پڌرو ٿي وڃي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽنگيل پارليامينٽ بدقسمتي هوندي، پ پ سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو:عمران خان

اسلام آباد/ملتان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٽنگيل پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے