17 جمعو , آگسٽ 2018

سفارتي ڇوٽ جو مطلب ماڻهو مارڻ جولائسنس نه هئڻ گهرجي

اسلام آباد ۾ ڪار جي ٽڪر ۾چيڀاٽي هڪ شهريءَ جي زندگي کسيندڙ آمريڪي سفارتڪار ڪرنل جوزف  کي بنا ڪو ڪيس هلائڻ، سزا ڏيڻ ۽ڪارروائي ڪرڻ جي خاص جهاز ذريعي اسلام آباد ۽ ان کانپوءِ پنهنجي ڏيهه آمريڪا واپس موڪليو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته هو پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتڪار طور مقرر ٿيل هو. جنهن ڪري کيس سفارتي ڇوٽ مليل هئي، يعني سفارتڪار هئڻ جي ڪري مٿس فوجداري  يا انتظامي قانون لاڳو ٿي نه سگهيو. ان ڪري کيس پنهنجي ڏيهه واپس موڪليو ويو.

ڪرنل جوزف کان اڳ ريمنڊ ڊيوس نالي هڪ آمريڪي شهري لاهور ۾ هڪ شهري کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو هو. جيڪو معاملو به ميڊيا جي شهه سُرخين جي زينت بڻجڻ کانپوءِ ايئن ئي پڄاڻيءَ تي  پهتو هو. جيئن ڪرنل جوزف جو معاملو پهتو آهي. اسان جي سماج ۾ جيئن وڏيرو هڪ ذهنيت جو نالو آهي، تيئن آمريڪي به هڪ ذهنيت بڻجي چڪا آهن، جيڪي پاڻ کي باقي دنيا کان دنيا جي ماڻهن کان اتم سمجهن ٿا. مطلب ته هو سمجهن ٿا ته هو جيئن ته آمريڪي آهن، تنهن ڪري جيئن وڻين تيئن ڪندا وتن، کين ڪجهه به نه ٿيندو، بلڪل ايئن جيئن وڏيرڪو مائينڊ سيٽ هجي ٿو آمريڪي مائينڊ سيٽ به هو بهو اهڙو آهي.

جيتري قدر ” وڏيري/ وڏيرو“ لفظ جو تعلق  آهي ته اُن جي لفظي معنيٰ وڏو يا معتبر آهي ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجي خانداني نسبت جي لحاظ کان پنهنجي پاڙي ۽ ڳوٺ جو وڏو يا وڏيرو ٿي سگهي ٿو پر هيءُ لفظ اُن صورت ۾ پنهنجو ڀَرمُ وڃائي ويٺو  ۽ سماج ۾  اڻ وڻندر لفظ سمجهيو وڃڻ لڳو، جڏهن  مدي خارج روايتن جي علمبردار جاگيرداري سوچ رکندڙ ماڻهن پنهنجي وڏيرو هئڻ واري رتبي جي معنيٰ پنهنجي آقا ۽ ٻين کي رعبيت هئڻ سمجهي، يعني پنهنجو پاڻ کي باقي ماڻهن انتظام کان به مٿانهون سمجهندي ماڻهن کي مارڻ لاءِ واٺن کي بڇ  ڏيڻ وري روايت برقرار رکي، ڪاروڪاريءَ جهڙين ڪڌين رسمن ۾ اهڙيون فتوائون ڏيڻ شروع ڪيون، جن سان خاندانن جا خاندان  تباهه ٿيو وڃن ۽ خوشحال ۽ آسودا ڪٽنب پسجي وڃن. سو آمريڪا به دنيا جو سپر پاور هئڻ ڪري هڪ وڏيرڪي ذهنيت بڻجي چُڪو آهي. ان ذهنيت تحت بڇ ڏيڻ خطن جا خطا ۽ ملڪن جا ملڪ تباهه  ڪيا وڃن  ۽ ڪرايا پيا وڃن. عراق، شام، يمن، لبيا، افغانستان ان جا چٽا مثال آهن. تازو مثال گذريل ڏينهن يروشلم کي اسرائيل جي گاديءَ جو هنڌ تسليم ڪندي اتي آمريڪي سفارتخانو کولي اڳ ئي بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙندڙ وچ اوڀر جي باهه تي تيل هارڻ وارو عمل آهي.

سو جيئن وڏيري کان ڪير ڪجهه پڇي ناهي سگهندو، تئين شينهن کي چوڻ جي ڪنهن ۾ جرئت ناهي هوندي ته  تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي. بلڪل ايئن ئي ٽرمپ هجي يا ڪو به آمريڪي صدر ۽ عملدار، انهن کان ڪير به اهو پڇڻ جي سڄي دنيا ۾ سگهه نه  ٿو ساري سگهي ته هو ڇا پيو ڪري؟

سو جيڪو ملڪ دنيا جون قومون تباهه ڪرڻ، شاندار معاشره ڊاهي پٽ ڪرڻ، ٻين جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ، پاڻ کي آقا ۽ ٻين کي غلام سمجهندو هجي، لازمي طور ان جي شهرين جي ذهنيت به اهڙي ئي هوندي، جهڙي وڏيري جي پٽ جي ٿيندي آهي. دنيا جي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپا هڪ بئي ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ، هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهڻ لاءِ، هڪ جهڙا ئي هوندا آهن، انهن لاڳاپان جا قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙا ئي هوندا آهن پر اسان جي دنيا ۾ گڏيل قومن جو حشر به ليگ آف نيشنلزم جهڙو ٿيڻ کانپوءِ  جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو قانون هلندو رهيوآهي. يعني ڪمزور ۽ هيڻي ملڪ جو ڪو شهر يا سفارتڪار ڪنهن طاقتور  ملڪ ۾ ڪو ڏوهه ڪري ٿو وجهي ته اُن خلاف فوري طور قانون عمل ۾ اچيو ٿو وڃي، پر ڪنهن ڪمزور ۽ هيڻي ملڪ ۾ جي ڏاڍي ملڪ جو سفارتڪار يا شهري ڪا ڏاڍائي ڪري ٿو، قانون ٽوڙي ٿو يا ماڻهو ماري ٿو ته اُن خلاف ڪارروائي ٿيڻ بدران کين عزت سان خاص جهازن ۾ ويهاري ايئن پنهنجي ڏيهه موڪليو وڃي ٿو. جيئن ڪرنل جوزف کي موڪليو وڃي.

دنيا جي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپا اصولي طور خودمختيار برابريءَ جي بنياد تي قائم هئڻ گهرجن، پر اهو سڀ ڪجهه اتي ٿيڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي، جتي جا ملڪ ۽ معاشرا انصاف جي راهه تي هلندڙ  هجن. اسان وٽ دنيا جو سپر پاور ڪمزور ۽ هيڻين سان دينا داستي ناانصافيون ڪندو رهيو آهي، سو اهڙي صورتحال ۾ ڏاڍي ۽ ڪمزور ملڪ جي وچ ۾ خودمختيار برابريءَ جي بنياد تي لاڳاپن جو قائم ٿيڻ اڄ جي دور جي وڏي چيلنج آهي.

پاڪستان کي پنهنجي سفارتي خودمختياري کي برقرار رکڻ يا ايئن کڻي چئجي ته سفارتي خودمختياريءَ جو بنياد وجهڻ لاءِ پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، هن وقت پارليامينٽ جي ذريعي دنيا جي ملڪن سان لاڳاپن توڙي انهن بابت پاليسين جي تعين لاءِ اهڙي پاليسيءَ جي ضرورت آهي، جنهن جا اصول هڪ جهڙائي هئڻ گهرجن، اهڙي پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جنهن تحت پاڪستان جو ڪنهن طاقت ڏانهن جهڪاءُ نه هجي پر دنيا جي سڀني طاقتن سان هڪ جهڙا لاڳاپا ئي هجن، ٻيو ته سفارتي ڇوٽ جو مطلب ماڻهن کي مارڻ جولائسنس نه هئڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪير خون ڪري ٿو ته اُن خلاف خون جي قلمن تحت ئي ڪيس هلن گهرجي. ڇو جو قاتل قاتل هوندو آهي، اُن جو تعلق ڀلي ڪهڙي به ملڪ سان ڇو نه هجي، قاتلن کي خاص جهازن ۾ويهاري سفارتي ڇوٽ جي نالي ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ موڪلڻ واري ڪڙي روايت جو خاتمو ٿيڻ گهرجي.

اربع   16  مئي 2018 ع،  29  شعبان المعظم 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

14 آگسٽ آزاديءَ جو ڏينهن

اڄ 14 آگسٽ آهي، اڄ کان 71 سال اڳ، يعني 14آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے