21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

اندر ڪمار جي وفات کان اڳ آپگهات جي ويڊيو وائرل

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ايڪشن هيرو اندر ڪمار جي فوت ٿيڻ کان اڳ آپگهات ڪرڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.بالي ووڊ ۾ 1996 ۾ مشهور فلم”معصوم“ کان ڊيبيو ڪندڙ اداڪار اندر ڪمار جو شمار 90 جي ڏهاڪي جي مقبول اداڪارن ۾ ٿيندو هن پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ ڪيترن ئي ڪامياب فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا. جڏهن ته بالي ووڊ سلطان سلمان خان ۽ اندر ڪمار جي دوستي پڻ تمام گهڻي مشهور ٿي.اندر ڪمار سلمان خان سان گڏ” تم ڪو نا ڀول پائينگي“ ”وانٽيڊ“  ”يه دوريان“ ۽ ڪهين پيار نا هوجائي جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪيو.اندر ڪمار دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو هو ، جڏهن تي فوت ٿيڻ کان اڳ هڪ ويڊيو ريڪارڊ ڪئي هئي جنهن سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بالي ووڊ اداڪار اندر ڪمار جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ويڊيو سندس موت تي ڪيترائي سوال اٿاريا آهن، ڇو جو ويڊيو ۾ اهو ڏسي سگهجي ٿو ته اندر هٿ ۾ شراب جي بوتل کڻي پنهنجي ناڪامين تي مايوسي جو اظهار ڪندي روئي رهيو آهي، ۽ ويڊيو اهو پڻ چئي رهيو آهي ته ادڪار بڻجڻ آيو هئس، پر ڪاميابين بعد منهنجي عياشين مونکي برباد ڪري ڇڏيو.اداڪار اندر ڪمار پنهنجي ويڊيو ۾ مداحن کي هدايت ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هن کي ڏسي ڪجهه سکي سگهون ٿا سکي وٺو سڀائي ائين ٿئي جو توهان به هٿ ۾ موبائل ۽ شراب نوشي ڪندي آپگهات ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ويڊيو ٺاهڻ تي مجبور ٿي وڃو. اندر ڪمار جي آپگهات واري ويڊيو تي سندس گهرواريءَ پلوي ڪمار پريس ڪانفرنس ۾ وضاحت ڏيندي چيو ته اندر جي وفات دل جو دورو پوڻ سبب ٿي هئي، جڏهن ته سوشل ميڊيا وائرل ٿيل ويڊيو سندس رليز نه ٿيندڙ فلم ”ڦٽي پڙي هي“ جو هڪ سين آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The movie "teefa in trouble ", which will be released today, will be released today

”طيفا ان ٽربل“  جو  ريليز کان اڳ شاندار پريميئر ، فلم اڄ ريليز ڪئي ويندي

ڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري اداڪار ۽ راڳي علي ظفر ۽ مايا علي جي فلم”طيفا ان ٽربل“ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے