18 سومر , جون 2018

مسلم ليگ ن اليڪش لاءِ ٽڪيٽ فارم جاري ڪري ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن عام چونڊن لاءِ ٽڪيٽ فارم جاري ڪري ڇڏيا. عام چونڊن ۾ مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ خواهشمند اميدوارن لاءِ مسلم ليگ ن جي اليڪشن ٽڪيٽ فارم جاري ڪري ڇڏيا. قومي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ لاءِ في 50 هزار رپيه جڏهن ته قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن لاءِ في هڪ لک رپيه مقرر ڪئي وئي آهي. صوبائي اسيمبليءَ  جي ٽڪيٽ جي في 30 هزار جڏهن ته مخصوص سيٽن لاءِ 75 هزار رپيه مقرر ڪئي وئي آهي. خواهشمند اميدوار پنهنجون درخواستون 25 مئي تائين پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ جمع ڪرائي سگهندا، اميدوار کي پارٽي، نواز شريف ۽ شهباز شريف تي اعتماد جو قرار به ڪرڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision to change women's list of reserved seats by the PTI

پي ٽي آءِ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے