22 منگل , مئی 2018

جيڪڏهن توهان ڪا هڪ ڀاڄي کائڻ چاهيو ته گل گوبي کائو: ماهر

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي هڪ مشهور ڊاڪٽر رنگن چيٽرجي چيو آهي ته جيڪڏهن توهان صرف هڪ ڀاڄي کائڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ گل گوبي (بروڪلي) بهتر کا به شئي ناهي. برطانيا  جي نشرياتي اداري جي هڪ پروگرام ۾ پنهنجي اهم ڪتاب”دي فور پلر پروگرام“ ۾ هن چيو ته هي ڀاڄي انساني آنتون ۾ صحت مند بيڪٽريا جي انگ کي وڌائيندي آهي، پوري معدي کي درست ڪندي آهي ۽ جسم کي بيماريون سان وڙهڻ لاءِ مضبوط بڻائيندي آهي. ڊاڪٽر چيٽرجي جي مطابق بروڪلي کي سپر فوڊ قرار ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته معدي جي صحت پوري جسم تي اثرائتي هوندي آهي. وزن کي برقرار رکڻ ۽ ڪيترن دماغي مرضن کان بچائيندي آهي. طبِ مشرق ۾ به معدي جي صحت کي هڪ اهم حيثيت حايل آهي ۽ ان سبب سان معدي کي درست رکڻ لاءِ بيشمار دوائن جي حڪمت جو هڪ اهم حصو آهي. گل گوبي ۾ موجود سلفورافين  جا ڪيترن قسمن  ڪينسر کان بچائيندا آهن. ٻئي طرف  هڪ ڪپ بروڪلي ۾ 2 وٽامن هوندي آهي جيڪا هڏين کي مظبوط بڻائيندي آهي، ان جو باقاعده استعمال  پوڙهائپ  ۾ هڏين کي فريڪچر جي خطري کي گهٽ ڪندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mammal cure can lead to many illnesses: Experts

مڇر جي  چڪ سان ڪيتريون ئي بيماريو پيدا ٿي سگهن ٿيون: ماهر ه

هوسٽن(ويب ڊيسڪ) مڇرن بابت ڳڻتي جوڳي ڳالهه سامهون آئي آهي، مڇر رڳو هڪ ڀيرو کائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے