21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

ڊيٽا ليڪس اسڪينڊل:فيسبڪ 200 ايپ معطل ڪري ڇڏيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيسبڪ ڪمپني ڊيٽا ليڪس اسڪينڊل کانپوءِ  تمام گهڻي هوشياري کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ واهپيدارن جو اعتماد بحال ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي جي حوالي سان سخت حڪمت عملي جوڙي رهي آهي. اهڙي ئي حڪمت عملي جي سلسلي ۾ فيسبڪ 200 ايپليڪشنز کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي صارفين جي ڊيٽا اجازت بغير غيرقانوني طور تي استعمال ڪري رهيون هيون. فيسبڪ بلاگ پوسٽ موجب ڪمپني هڪ هزار کان وڌيڪ ايپليڪيشنز جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن دوران اها ڄاڻ حاصل ٿي آهي ته صارفين جو فيسبڪ ڊيٽا ڪير ڪير غلط جائن تي استعمال ڪري رهيو آهي.فيسبڪ موجب هر اُن ايپ کي بند ڪيو پيو وڃي، جنهن ڊيٽا غيرقانوني طور تي استعمال ڪيو آهي. ان حوالي سان هن وقت تائين 200 ايپس جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته اڃان تائين وڌيڪ ايپليڪيشنز جي جاچ ڪئي پئي وڃي. فيسبڪ پروڊڪٽ جي نائب صدر آرڪي بونگ بلاگ ۾ لکيو ته ڊيٽا جي تحفظ جي لاءِ سخت قدم کڻي رهيا آهيون، جنهن جي لاءِ جاچ زور شور سان جاري آهي.هن لکيو ته اسانجي تمام وڏي ٽيم آهي جيڪا اندروني ۽ بيروني طور تي جاچ ڪري رهي آهي، ته جئين ٻين ايپ بابت پڻ جلد معلومات حاصل ڪري سگهجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Introduced the feature of the "Visible Snapshot" feature in the Google Assistant app

گوگل اسيسٽنٽ ايپ ۾” ويزوئل اسنيپ شاٽ“ جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جديد دور ۾ انسان جي مصروفيتون ايتري حد تائين وڌي ويون آهن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے