18 سومر , جون 2018

نواز شريف ملڪ کي بدنام ڪرڻ جو ڪو موقعو نه ٿو ڇڏي: شاهه محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نواز شريف جي بيان سان ڀارت جي موقف هٿي ملي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته نواز شريف چوي ٿو ته جيڪو هن چيو تنهن ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي، نواز شريف ٻڌائي ته سندس بيان جي ضرورت ڪهڙي هئي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا نواز شريف جي انٽرويو کي تمام گهڻو کنيو، ڳالهه قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ تائين پهچي وئي، نواز شريف اهو پڌرنامو رد ڪيو، ڪالهه کان سموري ملڪ ۾ هنگامو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي بيان تي حڪومتي اتحادي پارٽيون به سندس ساٿ نه ڏئي رهيون آهن، ٻن ڏينهن کان نواز شريف جو تڪراري بيان بحث جو موضوع بڻيل آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته  نواز شريف جو بيان افسوس جوڳو آهي، فضل الرحمان سميت سڀ معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نواز شريف ملڪ کي بدنام ڪرڻ جو ڪو به موقعو نه ڇڏي رهيو آهي، سندس بيان سان اسان گري لسٽ کان بليڪ لسٽ طرف وڃي رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision to change women's list of reserved seats by the PTI

پي ٽي آءِ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے