21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

عامر خان پنجاب باڪسنگ چيمپيئن شپ جي لاءِ لاهور پهچي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڄائو برطانوي باڪسر عامر خان پنجاب باڪسنگ چيمپيئن شپ ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ لاهور پهچي ويو.عامر خان اي ڪي 622 جي ذريعي دبئي کان اڄ صبح لاهور جي علامه اقبال هوائي اڏي تي پهتو.جتي پنجاب اسپورٽس بورڊ جي چيئرمين عامر جان ۽ ڊائريڪٽر محمد انيس سندس استقبال ڪيو. باڪسنگ چيمپيئن جي گهر واري فريال مخدوم پڻ ساڻس گڏ پاڪستان آئي آهي.عامر خان اڄ شام پنجاب باڪسنگ چيمپيئن شپ جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندو.ان دوران هو باڪسنگ ايسوسي ايشن جي عهديدارن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.ان موقعي ته عامر خان چيو ته هو باڪسنگ کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ آيو آهيان، ۽ چاهيان ٿو ته پاڪستان جا نوجوان باڪسنگ چيمپيئن بڻجن.گذريل مهيني عامر خان پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو ته هو ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان اچي رهيو آهي جتي باڪسنگ ليگ بابت وڏو اعلان ڪندس.هن چيو ته هو پاڪستان ۾ باڪسنگ ليگ ڪرائڻ جي ارادو رکي ٿو.عامر خان لاهور پهچڻ بعد جهاز ۾ ورتل تصوير پڻ ٽوئٽر تي مداحن سان شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن سان گڏ سندس گهر واري فريال مخدوم پڻ موجود هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

India's retreat of Indian coach defeats the forces

ڀارتي ڪوچ ڌوني جي ريٽائر ٿيڻ وارين افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي

ليڊز(شوبز نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وڪيٽ ڪيپر مهندر سنگهه ڌوني کي  ون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے