25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز | ڪوٽڙي: سائيٽ پوليس جو شاندار ڪارنامو، رحيم يار خان مان اغوا ٿيل نينگري بازياب

ڪوٽڙي سائيٽ پوليس جو شاندار ڪارنامو، پنجاب جي شهر  رحيم يار خان ۾ ڪارروائي ڪري ٻه سال اڳ اغوا ٿيل نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو .

ايس ايس پي ڄامشورو پرويز عمراڻي جي حڪم تي پوليس ايس ايڇ او رفيق سمون جي اڳواڻي  ۾ رحيم يارخان ۾  گھرن  ڇاپو ھڻي اغوا ٿيل نينگري حسينه خاصخيلي کي بازياب ڪرائي ورتو .

پوليس  ننيگري کي ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي آندو ۽  وارثن کي گهرائي نياڻي سندن حوالي ڪئي .

پوليس جي اھڙي ڪارنامي تي ايس ايس پي ڄامشورو ايس ايڇ او رفيق سمون ۽ ٽيليگراف پوسٽ انچارج  زاھد جھتيال کي انعام ۽ سرٽيفيڪٽ ڏنا

ٻئي پاسي نياڻي جي والد سومار خاصخيلي  ٻڌايو ته هو ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ايس ايڇ او سائيٽ رفيق سمون سميت سمورن پوليس اهلڪارن جو ٿورائتو آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kotdiji: Dirty water in house have spread, Difficulty faced by residents

نيوز: ڪوٽڏيجي: ڪنب شهر ۾ نالين جو گندو پاڻي گهرن ۾ڪاهي پيو، زندگي مفلوج

*ڪوٽڏيجي ويجهو  ڪنب شهر ۾ نالين جو گندو پاڻي گهرن ۾ڪاهي پيو، رهواسين جو جيئڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے