22 منگل , مئی 2018

ليگ اسپنر ياسر شاهه فٽنس مسئلن مان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻ لڳو

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايندڙ 7 مهيني دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 3 وڏين ٽيمن نيوزيلينڊ، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي خلاف اهم ترين ٽيسٽ سريز رٿيل آهن ۽ انهن سريزن جي لاءِ اسٽار ليگ اسپنر ياسر شاهه جو ڪردار انتهائي اهم هوندو. ياسر شاهه هلندڙ آڪٽوبر ۾ ڪرڪيٽ ميدانن ۾ ٻيهر ايڪشڻ ۾ نظر ايندو ان لاءِ هو سخت محنت ڪري رهيو آهي ۽ هو ان سريز دوران هو ڪجهه خاص ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ميڊيڪل پينل ليگ اسپنر کي فٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس وزن گهٽ ڪرڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي.قومي ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ اسٽار ڪرڪيٽر کي فٽ ڪرڻ لاءِ کيس خاص ايروبڪ ايڪسرسائز ڪرائي پئي وڃي. ياسر شاهه گوڏي جي انجري ۽ ڪولهي ۾ فريڪچر سبب آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن مان ٻاهر ٿي ويو هو.ميڊيا جي روپوٽن موجب ياسر شاهه جي فٽنس مسئلن مان ڇٽڪارو حاصل ڪرائڻ سان گڏوگڏ کيس هڪ سٺو ايٿليٽ بڻايو پيو وڃي. ته جيئن هو گهٽ ۾ گهٽ ٽن ورهين تائين فٽنس مسئلن مان ڇٽڪارو حاصل ڪري سگهي.ان حوالي سان ياسر شاهه چيو ته هو لاهور ۾ پنهنجي ٽريننگ واري مرحلي مان گذرڻ بعد بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان، ۽ مداحن جي ٿورائتو آهيان جن جي دعائن سبب فٽنس ۾ بهتري آئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڊاڪٽر سهيل سليم ياسر شاهه جي فٽنس تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن ڀيري ايروبڪ جي ذريعي سندس وزن گهٽ ڪيو پيو وڃي.هن وقت ياسر شاهه جي عمر 32 ورهيه آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ميڊيڪل پينل کيس 35 ورهين جي عمر تائين فٽ ڏسڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. رپورٽن موجب ياسر شاهه آڪٽوبر، نومبر ۾ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي سريز ۾ فٽ ٿي پاڪستان ٽيم ۾ واپسي ڪندو.ياسر شاهه ڪولهي جو فريڪچر ٺيڪ ٿي رهيو آهي، پر وزن گهٽ ڪرائڻ لاءِ کيس سخت ٽريننگ ڪرائي پئي وڃي.ياسر شاهه پنهنجو گهڻو وقت قومي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ئي گذاري رهيو آهي.ڊاڪٽرن چيو آهي ته ٻن کان ٽن ميهنن ۾ هو بلڪل فٽ ٿي ويندو، ۽ ان کان اڳ سندس فٽنس جي حوالي سان ڪا به لا پرواهي نه ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رافيل نڊال اٽالين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل کٽي ورتو

روم (اسپورٽس نيوز) جڳ مشهور اسپينش ٽينس اسٽار رافيل نڊال رڪارڊ اٺون ڀيرو اٽالين اوپن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے