19 آچر , آگسٽ 2018

ڀارتي ميڊيا نواز شريف جي انٽرويو جي غلط رپورٽنگ ڪئي، معاملو ختم ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نواز شريف جي انٽرويو کي ڀارتي ميڊيا پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو،  ڪنهن کي به حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي ضرورت ناهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف جو بيان غلط رپورٽ ٿيو آهي. هن چيو ته نواز شريف اهو نه چيو آهي ته ممبئي حملا ڪندڙن کي پاڪستان مان موڪليو ويو. سندس چوڻ هو ته پنهنجي ڌرتي ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جنرل پاشا، رحمان ملڪ، عمران خان، پرويز مشرف ۽ ٻيا به ساڳيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پنهنجو پاڻ کي ڀارت جي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان جي بدقستمي آهي ته ڀارت ميڊيا تي جيڪو ڪجهه هليو تنهن تي سمورو مسئلو پيدا ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن قومي سلامتي جو معاملو آهي ته بيان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ماضي ۾ وڃڻ لاءِ قومي ڪميشن ٺاهي وڃي ته اسان کي ڪو به اعتراض ناهي. سندس چوڻ هو ته پارٽي ليڊرن کي حقيقتن تي ٻڌل ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، سموريون ڳالهيون غلط خبر سان شروع ٿيون جيڪي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين جو پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين طويل عرصي لاءِ پرڏيهه وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے