18 سومر , جون 2018

سعودي عرب ۾ اڄ رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏٺو ويندو

Ramadan will be seen in Saudi Arabia todayرياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ اڄ 29 شعبان تي رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏٺو ويندو.سعودي سپريم ڪورٽ رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته عوام جي کليل اکين يا خاص مشين جي ذريعي چنڊ نظر اچڻ واري شاهديون سپريم ڪورٽ رجسٽرڊ ڪرائن. سپريم ڪورٽ طرفان چنڊ ڏسڻ جي بابت رويت هلال جي نجي ڪميٽين کي پڻ سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سعودي عرب ۾ اڄ چنڊ جي رويت جي حوالي سان مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن.چنڊ جي شاهديون ملڻ بعد سپريم ڪورٽ رمضان المبارڪ جي مهيني جو اعلان ڪندو.سعودي عرب ۾ المجمعه يونيورسٽي جي فلڪياتي اداري موجب اڄ چنڊ شام 6:35 تي 286 درجه اتر اولهه ۾ لهي ويندو، جڏهن ته سچ 6:36 تي غروب ٿيندو.اهڙي طرح سج لهڻ وقت هلال جي عمر 3 ڪلاڪ 48 ڪلاڪن ٿيندي.المجمعه يونيورسٽي جي سيڪرٽري ۽ فلڪياتي رصد گاهه جي ڪونسل جي سربراهه ڊاڪٽر مسلم بن الدوسري موجب 30 شعبان 1439 هجري موجب 16 مئي 2018 تي سج شام 6:36 تي 291 درجن تي غروب ٿيندي ۽ هلال 290 درجي تي شامل 7:40 تي غروب ٿيندو.اهڙي نموني هلال سج لهڻ کان لڳ بڳ 64 منٽن کان پوءِ لهندو.انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ته رمضان المبارڪ جي سلسلي ۾ رويت هلال سائنسي طور تي اڄ امڪان ناهي ۽ پهريون روزو خميس ڏينهن ٿيڻ جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جلال آباد: طالبان ۽ افعان سڪيورٽي فورسز تي ڪار بم حملو،20 ڄڻا مارجي ويا

جلال آباد( وين ڊيسڪ) افغان صوبي ننگر هار ۾ طالبان فورسز جي گڏيل اجتماع  ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے