19 اربع , سيپٽمبر 2018

عيد الفطر 16 جون تي ملهائي ويندي: رويت هلال ڪونسل جي اڳڪٿي

لاهور(ويب ڊيسڪ) رويت هلال ريسرچ ڪونسل اڳڪٿي ڪئي آهي ته رمضان المبارڪ 1439 هجري جو چنڊ اڱاري تي پيدا ٿيندو جنهن بعد پهريون روزو خميس 17 مئي تي جڏهن ته عيد الفطر 16 جون تي ملهائي ويندي. رويت هلال ريسرچ ڪونسل جي جنرل سيڪريٽري خالد اعجاز مفتي موجب رمضان المبارڪ جو چنڊ 15 مئي تي منجهند 4 لڳي 48 منٽن تي پيدا ٿيندو، جنهن کي 16 مئي اربع جي شام سج لهڻ وقت لاهور سميت ملڪ جي سمورن شهرن ۾ آساني ڏسي سگهجي ٿو . 16 مئي اربع جي شام پاڪستان جي سمورن شهرن ۾ چنڊ جي عمر 26 ڪلاڪن کان وڌيڪ جي هوندي، جنهن جي ڪري 29 شعبان المعظم جي شام رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان آهن. خالد اعجاز مفتي اِهو به چيو ته نئون چنڊ اُن وقت تائين نظر نه ايندو جيستائين هن جي عمر سج لهڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ 19 ڪلاڪ نه هجي، اهڙي ريت چنڊ ڏسڻ لاءِ سج ۽ چنڊ لهڻ جو وچولو وقت گهٽ ۾ گهٽ 40 منٽ هئڻ گهرجي، اِهو فرق پشاور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ 58 منٽ جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ۾ 60 منٽ هوندو. رويت هلال ريسرچ ڪونسل موجب سڀ کان وڌيڪ فرق گوادر، جيواني، پنجگور ۽ تربت ۾ 61 منٽ هوندو،  چنڊ جو زمين کان  فاصلو گهٽ ۾ گهٽ 6 ڊگري ۽ چنڊ ۽ سج جو فاصلو گهٽ ۾ گهٽ 10 ڊگري هئڻ گهرجي. ماهرن موجب شوال جو چنڊ 29 رمضان المبارڪ  موجب 14 جون تي نظر نه ايندو، هن سال 30 روزا ٿيندا ۽ عيد الفطر 16 جون تي ملهائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan's visit will meet with the pledge, today the Saudi King today, on the messenger

عمران خان جي روضي رسول تي حاضري، اڄ سعودي بادشاهه، ولي عهد سان ملاقات ڪندو

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے