18 سومر , جون 2018

ڪراچي جي مختلف روڊن تي اسنيپ چيڪنگ سبب سخت ٽريفڪ جام

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي ادارن طرفان اسنيپ چيڪنگ جي ڪري ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب آفيسن کان موڪل ڪري گهر ڏانهن ويندڙ شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي. شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ مصروف شاهراهن تي گاڏيون جون ڊگهيون قطاريون لڳي ويون آهن، شهر جي مختلف شاهران تي سيڪيورٽي ادارن طرفان اسنيپ چيڪنگ وارو سلسلو جاري آهي جنهن جي ڪري روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ وڌي ويو ۽ شهرين کي منزل تائين پهچڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. آءِ آءِ چندريگر روڊ، پاڪستان چوڪ، وزير اعليٰ هائوس، آرٽس ڪونسل روڊ ۽ ڪلب روڊ ڏانهن ٽريفڪ جو دٻاءُ شديد آهي ۽ آفيسن جي موڪل کان پوءِ گهر ويندڙ مسافر ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.  ٻئي پاسي ٽريفڪ پوليس موجب سيڪيورٽي سبب جي ڪري پي آءِ ڊي سي کان شاهين ڪمپليڪس روڊ بند آهي جنهن سبب ٽريفڪ کي پي آءِ ڊي سي کان ڪلب روڊ اماڻيو پيو وڃي. ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته شاهين ڪمپليڪس کان پي آءِ ڊي سي ويندڙ روڊ تي رينجرز چيڪنگ ڪري رهي آهي جنهن سبب سلطان آباد کان پي آءِ ڊي سي ايندڙ ايم ٽي خان روڊ به بند آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision to change women's list of reserved seats by the PTI

پي ٽي آءِ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے