22 منگل , مئی 2018

مڪي آرٿر انگلينڊ خلاف ڪاميابي تي نظرون ڄمائي ڇڏيون

ڊبلن( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر انگلينڊ خلاف ڪاميابي تي نظرون ڄمائي ڇڏيون آهن. هڪ انٽرويو ۾ مڪي آرٿر چيو ته اسان 2016ع جي ڪارڪردگي ورجائڻ جي صلاحيت رکون ٿا، اسد شفيق اوول ۽ اظهر علي ايجبسٽن ۾ سينچري ٺاهي آهي، حارث سهيل ۽ بابر اعظم به وڏي انگز کيڏڻ جي صلاحيت رکن ٿا،  اسان جي بيٽنگ لائين ڊگهي آهي. هن چيو ته  محمد عامر جي گذريل سيريز جو تجربو به ڪم ايندو، ميزبان ٽيم به پيسر جو چيمپينز ٽرافي ۾ ڀارت خلاف اسپيل نه وساريندي، سندس رڌم ۾ اچڻ انگلش بيٽسمينن لاءِ خطري جي گهنٽي ثابت ٿيندو. مڪي آرٿر چيو ته ميزبان ٽيم کي درست ڪامبينيشن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جوئي روٽ ۽ اليسٽر ڪڪ سٺا رانديگر آهن جوني بيريسٽو شاندار ڪرڪيٽر آهي پر هڪ غير يقيني صورتحال آهي ڪرس ووئيڪس کيڏندو يا مارڪ ووڊ، معين علي ۽ جيڪ ليچ مان ڪير شروعات ڪندو، اهو به واضح ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رافيل نڊال اٽالين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل کٽي ورتو

روم (اسپورٽس نيوز) جڳ مشهور اسپينش ٽينس اسٽار رافيل نڊال رڪارڊ اٺون ڀيرو اٽالين اوپن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے