24 خميس , مئي 2018

نادرا جو غيرقانوني سڃاڻپ ڪارد جاري ڪرڻ وارو عمل

سنڌ هن ملڪ جو بنياد رکندڙ اهڙو خطو آهي، جنهن کي پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ، جاگرافي، ٻولي، وسيلا، ڪلچر ۽ ڌرتي موجود رهي آهي ۽ ڪنهن به قوم هجڻ لاءِ ڄاڻايل قدرن جو هجڻ ضروري هوندو آهي. ملڪ ٺهڻ وقت رضاڪاراڻي طور شامل ٿيندڙ سمورين وحدتن سان واعدو ڪيو ويو هئو ته پاڪستان هڪ ”وفاق “ هوندو ۽ اُن ”وفاق “ ۾ شامل وحڊتن کي پنهنجي حدن ۽ قومي حڪومت جوڙڻ جو اختيار هوندو ۽ انهن وحدتن ۾ اتان جي اصلوڪين قومن جي قومي حڪومت هوندي پر ”وفاق “ پنهنجي انهن واعدن جي ڪا به پاسداري  ڪري نه سگهيو ۽ ”وفاق “ ۾ شامل وحدتن سان  انصاف ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن سبب جي ڪري ”وفاق “ ۾ شامل هڪ وحدت کي باوجود چونڊن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ جي ملڪ جي اختيارن کان محروم ڪندي کيس ”وفاق “ مان زوريءَ نيڪالي ڏني وئي، توڻي جو ”وفاق “ جو واعدو ڪيل آهي ته ڪنهن به وحدت کي ڪڏهن به ”وفاق “ مان ڌار ٿيڻ جو حق حاصل هوندو پر ايئن نه ٿي سگهيو ۽ ”وفاق “ جي هڪ وحدت کي ڪني آڱر سمجهي ڌار  ڪيو ويو. باقي بچيل ”وفاق“ ۾ وڏي آبادي رکندڙ وحدت کي ٻين وفاقي وحدتن کان مٿاهون، مٿڀرو، بااختيار ۽ طاقتور بڻائي، متاثر ٿيندڙ وحدتن جي وسيلن ۽ اختيارن تي قبضو ڪري وڏي آباديءَ واري وحدتن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ملڪ جا 60 سيڪڙو وسيلا خرچ ڪيا پيا وڃن، جن تي متاثر ٿيندڙ  وحدتون  71 سالن کان احتجاج ڪنديون رهيون آهن. ملڪ ۾ آدم شماريءَ کان ويندي پاڻي ورڇ تائين.  وفاقي بيورو ڪريسيءَ ۾ ڪوٽا کان ويندي پرڏيهه ۾، اوورسيز پاڪستانيز کان ويندي پرڏيهي سفارتخانن ۾ ننڍين وحدتن کي نظرانداز ڪرڻ، معدني وسيلن تي قبضي کان ويندي اين ايف سي ايوارد ڏيڻ کان ڄاڻي واڻي ڪن لاٽار ڪري ننڍين وحدتن کي معاشي ترقي ۾ پوئتي ڌڪڻ، ملڪ جي بچاءَ وارن ادارن کان ويندي، اعليٰ  عدالتن تائين، وڏي آباديءَ واري وحدت جي اجاري داري قائم رکڻ، خاص ڪري وفاقي ادارن ۾ هڪ وحدت جي ماڻهن جي گهڻائي هجڻ سبب ننڍين وحدتن جي حقن جي پائمالي ٿيندي رهي آهي، جنهن لاءِ انهن وحدتن پاران ”وفاق“ جي اهڙين پاليسين خلاف احتجاج تاريخ  جو حصو ۽ ريڪارڊ بڻيل رهيو آهي. ون يونٽ جو قائم ٿيڻ، بنگالين کي ملڪ جي اقتدار کان محروم رکڻ ۽ 73 جي آئين وسيلي وفاق ۾ شامل، اصلوڪين ۽ فطري وحدتن ۽ قومن کان انڪار ڪرڻ وارو عمل انتهائي ڳڻتي  جوڳو عمل رهيو آهي، ڪنهن به ملڪ لاءِ سڀ کان اهم شئي اُن ملڪ جي جاگرافي هوندي آهي. ٻئي نمبر تي قوم ۽ ان جي جياپي جا وسيلا حق حاڪميت، ڪلچر، ٻولي ۽ پنهنجي وحدت اندر وڌڻ ۽ ويجهڻ جو فطري ۽ قانوني حق جنهن کي هر صورت ۾ مٿاهون رکڻ ملڪ جي آئين ۽ اعليٰ عدليا جي ذميواري هوندي آهي پر اسان جي ملڪ ۾ قومي ادارا پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ ۾ سُستي ڏيکاريندا رهيا آهن، جنهن سبب جي ڪري ”وفاق “ ۽ ”وحدتن “ ۾ وڇوٽي پيدا ٿيندي رهي آهي.

وفاقي ادارا جڏهن هڪ طرفا فيصلا ڪري وفاق ۾ شامل وحدتن کي نظر انداز  ڪندا رهيا آهن ته وحدتن کي ڪيترائي شڪ، گمان ۽ خدشا پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي. ”وفاق“ کي سگهارو ڪرڻ لاءِ سڀ کان  اول اهو ڪم ڪجي ته ڪنهن به فيصلي ڪرڻ کان اڳ وفاق ۾ شامل وحدتن کي اعتماد  ۾ ورتو وڃي ۽ ملڪ ۾ رهندڙ  سمورن ماڻهن جي مفادن جو تحفظ ڪندڙ پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ وحدتن جي مرضي ۽ اختلاف  راءِ جو احترام ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو وفاق ايڪي، اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو نالو آهي. ملڪ کي ”وفاق“ جي لڙيءَ ۾ پوئي رکڻ لاءِ ضروري آهي ته ”وفاق “ کي سگهارو ڪندڙ وحدتن کي به سگهارو ڪيو وڃي ۽ انهن جي حقن جو تحفط ڪيو وڃي.

ملڪ ۾ ڌارين، غير قانوني رهندڙ ماڻهن کي اسان جو هڪ وفاقي ادارو نادرا ملڪ جي ” شهريت“ ڏيڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري رهيو آهي. جنهن کي 1951ع واري ايڪٽ جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏيندي، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي گذريل مهيني جي 17-18-19 تاريخ تي ڪراچيءَ ۾ نادرا ميگا سينٽر تي احتجاج ڪندي  پنهنجو مطالبو  ورجايو ته ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪنهن به غيرقانوني پرڏيهي ماڻهوءَ کي ملڪ جي ” شهريت“ نه ڏني وڃي، ڇاڪاڻ جو نادرا جي اهڙي عمل سان سنڌي ماڻهن کي ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪڏهن ڪنهن به غيرقانوني پرڏيهي کي ملڪ جي ” شهريت“  ڏئي کيس قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ کان اڳ ملڪ ۾ لاڳو قانون کي سامهون رکيو وڃي ها ته بهتر عمل ليکيو وڃي ها. نادرا چيئرمين، 1951ع واري ”شهريت “ واري قانون کي اورانگهيندي غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري  ملڪ جي آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪئي آهي ۽ پنهنجي پاڻ هر عمل ذريعي  سنڌي قوم جو استحقاق مجروح ڪيو آهي، جنهن کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي، جنهن غيرقانوني طور تي ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين کي 10 لکن کان وڌيڪ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري سنڌ جي ڏهه لک ماڻهن کي اُن عمل سان گهٽ ڪري ڇڏيو آهي.

تازو قومي اسيمبليءَ ۾ 1951ع واري ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪري نادرا چيئرمين جي غيرقانوني عمل کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڪوشش  به ڪئي وئي آهي، جنهن جي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي احتجاج ڪندي گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو  ٽن ڏينهن لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي آهي. غيرقانوني پرڏيهين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي فائدو  ته رسائي سگهي ٿو پر هڪ وحدت ۽ هڪ قوم جي اڪثريت کي رات جي پيٽ ۾ ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ڪنهن به ريت برداشت جوڳي ناهي. جيڪا اصل ۾ سنڌ دشمن ايجنڊا آهي، ڪنهن به غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهوءَ کي ملڪ جي قانون هيٺ ئي شهريت ڏئي سگهجي ٿي پر ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي ايجنڊا تي ڪنهن به قوم جي قسمت جو فيصلو  نٿو ڪري سگهجي.

اسان جي تجويز هوندي ته ملڪ جي اعليٰ اختيارين، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، پارليامينٽ ۽ وفاقي سرڪار کي اهڙي غيرقانوني عمل جو  تڪڙو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ڄاڻايل سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي تي عمل ڪيو وڃي، جنهن ۾ اعليٰ عدالت فيصلو ڏيندي، 35 لک غيرقانوني پرڏيهي ماڻهن کي ڪئمپن ۾ رهائڻ ۽ کين پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت جي ان فيصلي تي عمل نه ڪرڻ ۽ ” توهين عدالت “ ڪرڻ  جي ڏوهه جي ذميوار وفاقي حڪومت کان پڇاڻو ڪرڻ ضروري آهي. سڀ کان وڌيڪ اوليت ملڪ جي اصلوڪن ماڻهن جي حقن کي تحفظ ڏنو وڃي، نادرا پاران جاري ڪيل ڪنهن به غير قانوني شهريءَ کي ڏنل قومي سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري کين ملڪ مان نيڪالي  ڏني وڃي ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ سنڌ جي احتجاج جو نوٽيس وٺي ذميوار اداري کان پڇاڻو ڪري سنڌ  جو  موقف ٻڌو وڃي ۽ ان تي سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪري ملڪ جي بهتري لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن، ايئن نه ٿئي ته سڀاڻي گهڻي دير ٿي وڃي ۽ اسان کي وري به هٿ ملڻا پئجي وڃن.

هن ملڪ  تي سڀ کان پهرين، پنجابين، پٺاڻ، بلوچن ۽ سنڌين جو حق آهي، ”وفاق “ کي گهرجي ته انهن اصلوڪين قومن جي حق حاڪميت کي قبول ڪري ۽ کين پنهنجي وحدتن ۾ وڌڻ ۽ ويجهڻ جو موقعو ڏئي. هٿراڌو آباد ڪاري ڪرائي ڪنهن به قوم کان حق حاڪميت ڦرڻ وارو  عمل تاريخ ۾ انتهائي خراب نتيجا ڏيندڙ رهيو آهي.

سومر  14  مئي 2018ع،  27  شعبان المعظم 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنيادي انساني حقن جي تحفظ سان ئي معاشرا اڳتي وڌي سگهن ٿا

انساني حقن جي عالمي پڌرنامي موجب راءِ جي اظهار جي آزادي هر ماڻهو جو بنيادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے